Book Name:Teen Dost
ڪارڻ آهي. (جلاءُ الافهام، ص. 246 - 253)
سُبحٰنَ الله! اندازو لڳايو! درود پاڪ جون ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون آهن، هي ته درود شريف جي برڪتن مان صرف ڪجھ ئي برڪتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، نه ته درود شريف جون ايتريون برڪتون آهن جو ڳڻپ ۾ ئي نٿيون اچن. نهايت آسان نيڪي آهي، اسان پنهنجو معمول بڻايون، ڪو وقت مقرر ڪيون، تعداد مقرر ڪيون ۽ روزانو بلاناغه مقرر وقت تي، مقرر تعداد ۾ درود شريف پڙهڻ جي عادت بڻايون. ان کان علاوه به هلندي ڦرندي درود پاڪ پڙهندا رهون، الله پاڪ چاهيو ته دنيا ۽ آخرت جي هر ميدان ۾ ڪاميابي نصيب ٿيندي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! آذان جو جواب ڏيڻ به نهايت آسان نيڪي آهي. مڪي مدني، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ ڀيرو فرمايو: اي عورتو! جڏهن توهان بلال کي اَذان ۽ اقامت چوندي ٻڌو ته جيئن هُو چئي ٿو توهان به چئو جو الله پاڪ توهان جي لاءِ هر ڪلمي جي بدلي هڪ لک نيڪيون لکندو ۽ هڪ هزار درجا بلند فرمائيندو ۽ هڪ هزار گناھ مٽائيندو. عورتن اهو ٻڌي عرض ڪيو: هي ته عورتن جي لاءِ آهي مردن جي لاءِ ڇا آهي؟ فرمايائون: مردن جي لاءِ ٻيڻو آهي.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي رحمت تي قربان! اُن اسان جي لاءِ نيڪيون ڪمائڻ، پنهنجا درجا وڌرائڻ ۽ گناھ بخشرائڻ ڪيترو آسان ڪري ڇڏيو آهي.