Book Name:Teen Dost
تنگ ۽ اونداهي وارو گهر آهي، جنهن ۾ نه کاڌو آهي، نه پاڻي، نه اهل و عيال جڏهن ته منهنجي هن دنياوي گهر ۾ کاڌو به آهي، پاڻي به آهي، گهر وارا به آهن. حضرت عثمان بن ابوعاص رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: تو سچ چيو. خُدا جو قسم! جيڪڏهن تون اڄ واپس موٽي پنهنجي گهر هليو به وئين، تڏهن به توکي هڪ ڏينهن انهيءَ تنگ ۽ اونداهي گهر ۾ اچڻو آهي(تنهنڪري بهتر اهوئي آهي ته هن گهر جي لاءِ هاڻي کان تياري ڪري وٺو!) [1]
دنيا ۾ ايئن رهو جيئن مسافر.....!!
اي عاشقانِ رسول! هي خيال هرگز
نه ڪيو! ته اڃا گهڻو وقت
باقي آهي، اڃان ته مان جوان آهيان. پوءِ پوڙهائپ ايندي، ان کان بعد موت جي واري
ايندي....!! هي محض هڪ دوڪو آهي، هڪ وڻندڙ خواب آهي، جيڪو پورو ٿي سگهندو يا نه،
اسان نٿا ڄاڻيون. تنهنڪري عقلمند اهو ئي آهي، جيڪو هر وقت موت جي لاءِ تيار ئي
رهندو آهي. صحابي ابن صحابي حضرت عبدالله بن عمر
رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا:
الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى
اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ ڏينهن مون کي (ڪلهي مان)
پڪڙي فرمايو: اي عبدالله بن عمر! دنيا ۾ ايئن رهو جيئن اجنبي هجو يا ايئن رهو جيئن
مسافر هجو ۽ پنهنجي پاڻ کي مُردن ۾ شمار ڪيو...!! حضرت مُجَاهِد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:
حضرت عبدالله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهما مون کي
فرمايو: اي مجاهد! صبح ڪيو ته شام جي متعلق نه سوچيندا ڪيو! شام ٿي وڃي ته صبح جي
باري ۾ نه سوچو! اي الله پاڪ جا ٻانهؤ! بيشڪ توهان نٿا ڄاڻو ته سڀاڻي توهان جو نالو ڇا
هوندو؟(يعني توهان کي جيئرن ۾ شمار ڪيو ويندو يا مُردن ۾).[2]