Book Name:Teen Dost
هائو!(روزا به رکندا هئا) ۽ ان کي اهميت به ڏيندا هئا.[1]
جنّتي صحابي حضرت انس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، سرڪارِ نامدار، ٻنهي جھانن جي مالِڪ ۽ مختار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن ماھِ حرام ۾ 3 ڏينهن خميس، جمعي ۽ ڇنڇر جا روزا رکيا، ان جي لاءِ ٻن سالن جي عبادت جو ثواب لکيو ويندو. [2]
پيارا اسلامي ڀائرو ! هتي ماھِ حرام مان هي ئي 4 مهينا يعني ذوالقعده، ذو الحج، محرم ۽ رجب مراد آهن،([3]) ان 4 مهينن مان جنهن مهيني ۾ به خميس، جمعي ۽ ڇنڇر جو روزو رکندا ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ٻن سالن جي عبادت جو ثواب ماڻيندا۔
تیرےکرم سے اے کریم! مجھے کون سی شے ملی نہیں جھولی ہی میری تنگ ہے، تیرے یہاں کمی نہیں
عارِف
بالله شيخ ضياءُ الدين دَيۡريۡني رَحْمَةُ
الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: روايتن ۾ آهي ته
*جنهن
رجب جا 7 روزا رکيا، ان جي لاءِ جهنّم جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن* جنهن رجب شريف جا 10 روزا رکيا، اهو
الله پاڪ کان جيڪو گھرندو
آهي، الله پاڪ ان کي اهو عطا
فرمائيندو آهي * ۽
بيشڪ جنّت ۾ هڪ محل آهي، ان محل جي سامهون دُنيا هڪ پکي جي آکيري جيان آهي، ان محل
۾ صِرف اهو داخِل ٿيندو جنهن رَجب ۾ روزا رکيا هوندا.[4]