Book Name:Teen Dost
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان اڄ کان ئي پنهنجو ذهن بڻايون، اسان گنهگار ماڻهو آهيون، نفس و شيطان جي چالن ۾ اچي ڪري اسان کان گناھ ٿي ويهندا آهن، اَوَّل ته اسان کي اها ڀرپور ڪوشش ڪرڻي آهي ته گناھ جو خيال به دل ۾ نه اچڻ ڏيون، پوءِ جيڪڏهن ڪو گناھ ٿي ئي وڃي ته فوراً توبه ڪيون، پوءِ ان سان گڏوگڏ روزانو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو تمام گناهن کان توبه ڪرڻ جي عادت بڻايون. بهتر اهو آهي ته روزانو رات جو سمهڻ کان پهريان صلواتُ التُّوبه جا ٻه نفل پڙهون، پوءِ ڪجھ منٽن جي لاءِ تنهائي ۾ ويهي رهون، قبر ۽ آخرت کي ياد ڪيون ۽ پنهنجي گناهن کي ياد ڪري، ٿي سگهي ته روئي روئي ڪري الله پاڪ جي حضور ۾ توبه ڪرڻ جي عادت بڻايون اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گناھ معاف به ٿيندا رهندا، نيڪيون به ملنديون ۽ الله پاڪ چاهيو ته توبه جي برڪت سان الله پاڪ جا پيارا ٻانها بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جو ذڪر ڪرڻ به اهڙي آسان عبادت آهي جو ان کي انسان ٿوري توجهه سان ڪنهن به وقت انجام ڏئي سگهي ٿو. ان جا فضائل ۽ فائدا بيشمار آهن. صحابي رسول حضرت ابو موسيٰ اشعري رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته رسول هاشمي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪڏهن هڪ شخص جي جهولي درهمن کان ڀريل هجي ۽ اهو انهن کي تقسيم ڪري رهيو هجي ۽ ٻيو الله پاڪ جو ذڪر ڪري رهيو هجي ته الله پاڪ جو ذڪر ڪرڻ وارو افضل هوندو.[1]
ترمذي شريف جي حديث پاڪ آهي ته پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان سوال ڪيو