Teen Dost

Book Name:Teen Dost

آهي. آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اَلتَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ کَمَنْ لَّا ذَنْبَ لَــــہٗ  گناھ کان توبه ڪرڻ وارو ائين آهي جيئن ان گناھ ڪيو ئي نه هجي.[1]

جنت ۾ داخلا

توبه ڪرڻ وارو خوش نصيب، گناهن جي معافي سان گڏوگڏ ٻين ڪيئي فضائلن  مثلاً جنت جي انعامن جو به مستحق ٿي ويندو آهي. سيپاري 28 سورت تحريم جي آيت 8 ۾ آهي:

یٰۤاَیُّہَا  الَّذِیۡنَ  اٰمَنُوۡا تُوۡبُوۡۤا  اِلَی اللّٰہِ تَوۡبَۃً  نَّصُوۡحًا ؕ عَسٰی رَبُّکُمۡ  اَنۡ یُّکَفِّرَ عَنۡکُمۡ سَیِّاٰتِکُمۡ وَ یُدۡخِلَکُمۡ جَنّٰتٍ تَجۡرِیۡ  مِنۡ تَحۡتِہَا الۡاَنۡہٰرُ ۙ

ترجمو ڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! الله جي طرف اهڙي توبهه ڪيو جنهن کان پوءِ گناهه جي طرف موٽڻ نه هجي  ويجهو آهي جو توهان جو رب توهان کان برايون مٽائي ڇڏي ۽ توهان کي انهن باغن ۾ داخل ڪري ڇڏي جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. (پارہ:28، التحریم:8)

توبه ڪرڻ مشڪل ڪم ناهي

 سچي توبه ڪرڻ جا صرف ٽي شرط آهن: (1) گناھ کي الله پاڪ جي نافرماني سمجهي ڪري ان تي شرمنده ٿيڻ (2) آئنده اهو گناھ نه ڪرڻ جو پڪو ارادو ۽ (3) ان گناھ جي تلافي ڪري (مثلاً * نمازون قضا ڪيون هيون ته هاڻي حساب لڳائي ڪري ادا ڪري *ڪنهن مُسلمان کي ناحق تڪليف ڏني هئي ته ان کان معافي گهري* ڪنهن جو قرض ڦٻايو هجي ته واپس ڪري ۽ معافي به گهري وغيره)[2]


 

 



[1] ابن ماجہ، کتاب الزہد، باب ذکر التوبۃ، صفحہ:689، حدیث:4250۔

[2] فتاویٰ رضویہ، جلد:21، صفحہ:121ماخوذاً۔