Book Name:Teen Dost
رَبّ تعاليٰ کي راضي ڪري هن فصل کي خيريت سان ڪٽيو.[1]
میں رحمت، مغفرت، دوزخ سے آزادی کا سائِل ہوں مہِ رمضان کے صدقے میں فرما دے کرم مولا
بَراءَت دے عذابِ قبر سے، نارِ جہنّم سے مہِ شَعْبَان کے صدقے میں کر فضل و کرم مولا
عبادت میں، ریاضت میں، تلاوت میں لگا دے دِل رَجَب کا واسطہ دیتا ہوں فرما دے کرم مولا ([2])
صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
الله
پاڪ اسان کي رَجَبُ شريف جو احترام ڪرڻ، هن
مبارڪ مهيني ۾ ڪثرت سان نيڪيون ڪرڻ ۽ قبر ۽ آخرت جي فڪر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
ياد رکو! عبادتن ۾ سڀني کان پهريون ۽ اهم درجو فرضن جو آهي، نيڪيون ڪرڻ ۽ عبادت
گذار بڻجڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجا فرائض پورا ڪيون * مثلاً پنجئي
نمازون باجماعت مسجد جي پهرين صف ۾ ادا ڪرڻ جي عادت بڻايون * زڪوات فرض آهي
ته زڪوات ادا ڪيون
* روزن جي قضا
رهجندي هجي ته اها جلد کان جلد پوري ڪيون* ٻيا جيترا فرَض ۽ واجبات آهن،
انهن سڀني کي پورو ڪيون. پوءِ ان کان بعد نيڪ اعمال جو ميدان تمام وسيع آهي.
جيڪڏهن اسان پنهنجو ذهن بڻايون، نيڪين جي حرص دل ۾ پيدا ڪيون ته روزاني جي بنياد
تي تمام آساني سان هزارين نيڪيون ڪمائي سگهون ٿا. مثال طور
سچي توبه ڪرڻ آسان نيڪي آهي، توبه هرقسم جي گناھ کي ڌوئي ڇڏيندي