Teen Dost

Book Name:Teen Dost

(2) ان جو مال ۽ (3) ان جو عمل ان سان گڏ ويندو آهي، پوءِ مال ۽ اهل و عيال ته موٽي ايندا آهن پر ان جو عمل ان سان گڏ ئي رهجي ويندو آهي.[1]

ہائے غافِل وہ کیا جگہ ہے جہاں

پانچ جاتے ہیں چار پِھرتے ہیں

وضاحت: افسوس! اي غافل...!!غور ته ڪيو اها ڪهڙي عبرت جي جڳھ آهي، جتي 5 ويندا آهن، هڪ ميّت ۽ 4 ان کي ڪلهو ڏيڻ وارا پر اتان واپس صرف 4 ئي موٽندا آهن، ميّت کي قبر ۾ لاٿو ويندو آهي.

ٽي دوست

روايت ۾ آهي ته: هڪ ڏينهن الله پاڪ جي آخري نبي، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جن فرمايو: توهان جو، توهان جي اهل و عيال، مال ۽ اعمال جو مثال ان شخص جهڙو آهي، جنهن جا 3 محبوب دوست هجن، جڏهن ان جي موت جو وقت ويجهو اچي ته هو پنهنجي ٽنهي دوستن کي گهرائي ۽ انهن مان هڪ کي چوي: تون منهنجي حالت ڏسي رهيو آهين، اهو ٻڌاءِ ته تون منهنجي لاءِ ڇا ڪري سگهين ٿو؟، اهو جواب ڏي ته: مان تنهنجي لاءِ ايترو ڪري سگهان ٿو جو هن وقت تنهنجي تيمارداري ڪيان، توسان گڏ رهي تنهنجي ضرورتن کي پورو ڪريان، پوءِ جڏهن تون مري وڃين ته مان توکي غسل ڏئي ڪري  ڪفن پارايان ۽ ماڻهن سان گڏ ملي ڪري تنهنجو جنازو کڻان هن حال ۾ جو ڪڏهن مان ڪلهو ڏيان ۽ ڪڏهن ڪو ٻيو شخص، جڏهن مان (توکي دفن ڪري واپس اچان) ته جيڪو به تنهنجي باري ۾ پڇي تنهن کي تنهنجي ڀلائي بيان ڪريان. هي دوست ان شخص جا اهل و عيال آهن. پوءِ هو پنهنجي ٻئي دوست کي چوي ته: تون به منهنجي حالت ڏسي رهيو آهين، تون منهنجي لاءِ ڇا ڪري سگهين


 

 



[1] بخاری، کتاب الرقاق، باب سکرات الموت، صفحہ:1599، حدیث:6514۔