Teen Dost

Book Name:Teen Dost

ته سندن ڪو خاص عمل اسان کي ٻڌايو؟ انهن جواب ڏنو: ٻيو ته ڪو خاص وڏو عمل مون کي معلوم ناهي، صرف ايترو ڄاڻان ٿي ته ڏينهن هجي يا رات، جڏهن به اهي اَذان ٻڌندا هئا ته جواب ضرور ڏيندا هئا.[1]

گُناہِ رضا کا حساب کیا وہ اگرچِہ لاکھ سے ہیں سِوا

مگر اے عَفُوّ تِرے عَفْو کا تو حِساب  ہے  نہ  شُمار ہے([2])

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! ان کان علاوه ٻيون به کوڙ ساريون آسان نيڪيون آهن، جن کي اسان آساني سان اپنائي ڪري پنهنجي زندگي جو وڏو حصّو نيڪين ۾ گذاري سگهون ٿا. جيڪڏهن اسان ٿوري توجھ ڪيون، پنهنجو ذهن بڻايون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نهايت آساني سان قبر ۽ آخرت جي تياري ڪري سگهون ٿا. مڪتبة المدينه جي هڪ ڪتاب آهي: آسان نيڪيون، هي ڪتاب مڪتبة المدينه تان حاصل ڪيو، يا دعوت اسلامي جي ويب سائيٽ www.Dawateislami.net تان مفت ۾ ڊائون لوڊ ڪيو! ان کي پڙهو ۽ ان ۾ لکيل آسان نيڪيون اپنائڻ جي ڪوشش ڪيو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ برڪتون نصيب ٿينديون.

آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رجب جا روزا رکندا هئا

اي عاشقانِ رسول! مبارڪ مهينو رَجَبُ الۡمُرَجَب جاري ۽ ساري آهي، هن مبارڪ مهيني جي هڪ اهم ترين عبادت روزا رکڻ آهي. حضرت عُرۡوه بن زبير رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حضرت عبدالله بن عُمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُما کان پڇيو: ڇا الله پاڪ جا آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رَجَبُ الۡمُرَجَب ۾ روزا رکندا هئا؟ فرمايائون:


 

 



[1] تاریخ مدینہ دمشق، جلد55، صفحہ:75۔

[2]... حدائق ِ بخشش، صفحہ:355۔