Book Name:Teen Dost
ڪري حضرت يزيد رقاشِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيه روئڻ لڳا ۽ فرمايائون: خوشخبري آهي ان جي لاءِ جنهن جو قبر جو ساٿي نيڪ هجي ۽ هلاڪت آهي ان جي لاءِ جنهن جي قبر جو ساٿي ان جي لاءِ وبال بڻجي وڃي..!!![1]
پيارا اسلامي ڀائرو! هي اصل حقيقت آهي، اسان جي ذهنن ۾ ڪيترائي منصوبا هوندا، اسان جي دلين ۾ ڪيئي خواب هوندا، اسان روزانو پنهنجي مستقبل جي لاءِ گهڻو ڪجھ سوچون ٿا، ڪيترائي نوان نوان منصوبا تيار ڪيون ٿا پر اصل حقيقت اهائي آهي....!! جڏهن حضرت عزرائيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تشريف کڻي ايندا، پوءِ ان کان بعد ڪو منصوبو، ڪو خواب باقي نه رهندو، تڏهن صرف هڪ ئي شيءِ باقي هوندي ۽ اهي اسان جا اعمال آهن. لهذا اسان کي هن دنيا ۾ اڳتي هلي ڪري ڇاڇا ڪرڻو آهي، چڱو گهر، چڱي گاڏي، چڱو ڪاروبار، هي سڀ ڪجھ اسان جي مستقبل جي سوچ آهي پر اسان جو عمل اسان جي اڄوڪي ذميداري آهي. اسان پنهنجي دنياوي مستقبل تائين پهچي سگهون ٿا يا نه، ان جي ڪنهن کي خبر ناهي، پر اسان قبر ۾ ضرور لهنداسين، پنهنجا اعمال ساڻ کڻي لهنداسين، هي هر مسلمان ڄاڻي ٿو. تنهنڪري ضروري آهي ته اسان اڄ ۽ هاڻي کان پنهنجي اعمال جي فڪر ڪرڻ شروع ڪيون. هڪ ڀيرو حضرت عثمان بن ابوعاص رَضِىَ اللهُ عَنْه ڪنهن جنازي سان گڏ قبرستان تشريف کڻي ويا، سندن سان گڏ هڪ نوجوان به هو، ان نوجوان تي ڪجھ غفلت طاري هئي. جيئن ته اها قبر جيڪا ميّت جي لاءِ تيار ڪئي وئي هئي، حضرت عثمان بن ابوعاص رَضِىَ اللهُ عَنْه ان قبر جي طرف اشارو ڪري ان نوجوان کي فرمايو: پنهنجي گهر ۾ جهاتي پائي ڏسو! نوجوان قبر ۾ جهاتي پائي ڏٺو! پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه پڇيائون: ڇا نظر اچي رهيو آهي؟ چيائين: هڪ