Book Name:Teen Dost
عبادت میں، ریاضت میں، تلاوت میں لگا دے دِل رَجَب کا واسطہ دیتا ہوں فرما دے کرم مولا([1])
الله پاڪ اسان کي ماھِ رجب جو احترام ڪرڻ، اُن ۾ خوب خوب نفل روزا رکڻ، خوب خوب نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان بچندو رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال
پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ نمازي بڻجڻ، گناهن کان بچڻ ۽ نيڪين جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم روزانو پنهنجو جائزو وٺندي، نيڪ اعمال جو رسالو ڀرڻ به آهي. * وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن جي لاءِ نيڪ اعمال رسالي ۾ 72 سوال جواب لکيل آهن * هر سوال جي هيٺان 30 خانا آهن .* روزانو سوال پڙهي ڪري پنهنجو جائزو وٺي ڪري خانا ڀرڻا هوندا آهن.* صحيح اسلامي زندگي گذارڻ جو اهو بهترين نسخو آهي.* هن جي ذريعي نه ڄاڻ ڪيترن جي اصلاح ٿي چڪي آهي. اوهان به هي رسالو خريد ڪيو! روزانو پنهنجو جائزو وٺندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻو فائدو ٿيندو. * اخلاق سٺا ٿيندا. *ڪردار چڱو ٿيندو، *عادتون بهتر ٿينديون. *نيڪين تي استقامت ملندي. *گناهن کان نفرت ٿيندي. *دل روشن ٿيندي. *مُحبتِ الٰهي نصيب ٿيندي. * عشق رسول ۾ اضافو ٿيندو. * روحانيت