Teen Dost

Book Name:Teen Dost

اسلامي ڀاءَ کي گهرجي ته روزانو ڪجھ نه ڪجھ مقدار ۾ قرآن ڪريم جي تلاوت ضرور ڪري، گهڻو نه سهي روزانو گهٽ ۾ گهٽ ٽي آيتون تلاوت ڪري. الله پاڪ توفيق بخشي ته گڏوگڏ ترجموڪنزالايمان ۽ تفسير خزائن العرفان يا صراط الجنان پڙهڻ جو به معمول بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هر روز اعمالنامي ۾ ڪيئي نيڪين جو اضافو ٿيندو رهندو.

(4) درود پاڪ پڙهڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ آسان ترين نيڪي درود پاڪ جي ڪثرت به آهي. درود پاڪ برڪتون لٽڻ، درجا بلند ڪرائڻ، ايمان مضبوط ڪرڻ ۽ الله ۽ رسول جو قُرب حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. اٿندي ويهندي، هلندي ڦرندي، ڏينهن هجي يا رات زبان تي درود پاڪ جا نظرانا سجائيندي رهڻ جي عادت بڻائي وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ برڪتون نصيب ٿينديون.

مدني پنج سوره ۾ آهي: )1( درود شريف پڙهڻ سان الله تعاليٰ جي حڪم تي عمل ٿيندو آهي.

)2( هڪ ڀيرو درود شريف پڙهڻ واري تي ڏهه رحمتون نازل ٿينديون آهن.

)3( ان جا ڏهه درجا بلند ٿيندا آهن.

)4( ان جي لاءِ ڏهه نيڪيون لکيون وينديون آهن.

)5( ان جا ڏهه گناهه مِٽايا ويندا آهن.

)6( دعا کان اڳ درود شريف پڙهڻ دعا جي قبوليت جو سبب آهي.