Teen Dost

Book Name:Teen Dost

هي شخص(جنهن کي هاڻي اسان دفن ڪيو آهي ڇا هي) دنيا ۾ واپس اچڻ، وڌ کان وڌ نيڪ اعمال ڪرڻ ۽ پنهنجي گناهن کان توبه ڪرڻ جي خواهش نه رکندو هوندو؟ ان شخص چيو: ها! ضرور هي ان جي خواهش رکندو هوندو. امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: پوءِ اسان جو ڇا حال آهي؟ اسان هن ميّت وانگر ڇو نٿا ٿي وڃون (يعني اسان وٽ اڃا مُهلت آهي، اسان دنيا ۾ موجود آهيون پوءِ اسان نيڪين جي طرف ڇو نٿا وڌون، گناهن کان توبه ڇو نٿا ڪري وٺون....؟) هي فرمائي ڪري امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه روانا ٿي ويا، پاڻ چوندا پئي ويا: جيڪڏهن دل زندھ هجي ته انهن جنازن کان وڌيڪ ڪهڙي نصيحت هوندي....! [1]

وہ ہے عیش و عشرت کا کوئی محل بھی                                                                     جہاں تاک میں ہر گھڑی ہو اَجَل بھی

بس اب اپنے اِس جہل سے تُو نکل بھی                                                                                                      یہ جینے کا انداز اپنا بدل بھی

جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے                                                                                                      یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب!                          صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

پنج ويندا آهن، چار ڦرندا آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ هڪ حقيقت آهي، مرڻ کان پوءِ نيڪيون ئي ڪم اينديون، اسان جي گاڏي، بنگلو، بينڪ  بيلنس، مال ۽ دولت جي لاءِ ڀڄ ڊڪ، اسان جون وڏيون وڏيون ڊگريون، اعليٰ ڪارڪردگي جا ميڊل، هي سڀ ڪجھ دنيا ئي جو آهي، دنيا ئي ۾ رهجي ويندو، قبر ۾ صرف اسان لهنداسين ۽ اسان سان گڏ اسان جا اعمال هوندا، ان کان سواءِ ڪوبه اسان سان گڏ نه ويندو.  هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: ميّت سان گڏ 3 شيون وينديون آهن، ٻه واپس موٽي اينديون آهن ۽ هڪ ان سان گڏ ئي رهجي ويندي آهي: (1) ان جا اهل و عيال


 

 



[1] آداب الحسن البصری، صفحہ:29 ۔