Book Name:Teen Dost
دُنياوي فڪر ڇڏي ڏيو! آخرت جي لاءِ واندا ٿي وڃو
صحابي رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سيپارو: 25، سورت شوريٰ جي هي آيت تلاوت فرمائي:
مَنْ کَانَ یُرِیْدُ حَرْثَ الْاٰخِرَۃِ نَزِدْ لَہٗ فِیْ حَرْثِہٖ ۚ وَ مَنْ کَانَ یُرِیْدُ حَرْثَ الدُّنْیَا نُؤْتِہٖ مِنْہَا وَ مَا لَہٗ فِی الْاٰخِرَۃِ مِنْ نَّصِیْبٍ (۲۰)
ترجموڪنزالعرفان: جيڪو آخرت جي پوک گهري ٿو ته اسان ان جي لاءِ ان جي پوک ۾ اضافو ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ جيڪو دنيا جي پوک چاهي ٿو ته اسان ان کي ان مان ڪجهه ڏئي ڇڏيندا آهيون ۽ آخرت ۾ ان جو ڪو حصو ناهي.
(پارہ:25 ،سورۂ الشوریٰ :20)
پوءِ فرمايائون: الله پاڪ فرمائي ٿو: اي ابن آدم! (دنياوي فڪر ڇڏي ڪري) عبادت جي لاءِ واندا ٿي وڃو! توهان جي سيني کي مالداري کان ڀريو ويندو ۽ جيڪڏهن توهان ايئن نه ڪندا(مثلاً دنياوي فڪرن ۾ لڳل رهندا، صرف دنياوي مستقبل جو ئي سوچيندا رهندا) ته توهان جي دل کي مصروفيات (مثلاً دنياوي مشغوليتن) کان ڀريو ويندو.[1]
دنياوي فڪرن ۾ رهڻ هلاڪت جو سبب آهي
صحابي رسول حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، حضور اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن پنهنجي تمام فڪرن کي صرف هڪ فڪر يعني فڪرِ آخرت بڻائي ڇڏيو ته الله پاڪ ان کي ان جي دنيا جي