Book Name:Teen Dost
تشريف کڻي آيو ۽ ٻڌايائين ته اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! مون کي هاڻي بهترين ملازمت به ملي وئي آهي(البُرہان، صفحہ:321 -323 بتغیر قلیل)
کیا خُدا داد آپ کی اِمْداد ہے اِک نظر میں شاد ہر ناشاد ہے([1])
۽ سيدي اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به ڪيترو نه بهترين عرض ڪن ٿا:
قِسْمَت میں لاکھ پیچ ہوں ، سَو بَل، ہزارکَج یہ ساری گتھی اِک تری سیدھی نظر کی ہے ([2])
وضاحت: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! قسمت ۾ چاهي ڪيتريون ئي الجهنون ۽ پريشانيون لکيل هجن، بس رڳو اوهان لطف و ڪرم جي هڪ سڌي نظر فرمايواِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! سڀ پريشانيون دور ٿي وينديون.
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُلِلّٰہ! درود پاڪ انمول نعمت
آهي، ان جي برڪت سان مشڪلاتون حل ٿينديون آهن، تنگدستي خوشحالي ۾ بدلجندي آهي،
گناهه مٽجندا آهن، رحمتون
ڇما ڇم وسنديون آهن ۽ هڪ اهم ترين فائدو اهو آهي ته درود پاڪ پڙهڻ واري جو درود
سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ
وَسَلَّمَ جي بارگاههِ عاليشان ۾ پهچندو آهي، مالڪ ۽ مختار نبي، رسولِ
هاشمي
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نظرِ عنايت به
نصيب ٿيندي آهي ۽ آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ
وَسَلَّمَ چاهن ته پنهنجي غلامن کي ديدار جو جام به عطا فرمائيندا
آهن.
الله پاڪ اسان کي ڪثرت سان درود پاڪ پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ڪاش!جو درود پاڪ جي برڪت سان اسان کي محبوبِ خدا، سردار انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نظر