Teen Dost

Book Name:Teen Dost

ٿو؟ ته اهو جواب ۾ چئي: مان ان وقت تائين تنهنجو ساٿ ڏيندس، جيستائين تون زندهه هجين، جيئن ئي تو مري ويندين ته اسان جا رستا جدا ٿي ويندا. ڇو ته تون قبر ۾ وڃي پهچندين ۽ مان هتي ئي دنيا ۾ رهجي ويندس. هي دوست ان شخص جو مال آهي، پوءِ اهو شخص پنهنجي ٽئين دوست کي چوي ته: يقيناً تون به منهنجي حالت ڏسي رهيو آهين ۽ تون منهنجي اهل و عيال ۽ مال جو جواب به ٻڌي چڪو آهين، ٻڌاءِ! تون منهنجي لاءِ ڇا ڪري سگهين ٿو؟ اهو کيس تسلي ڏيندي چوي: ”منهنجا دوست، مان ته قبر ۾ به توسان گڏ رهندس ۽ توکي دهشت کان بچائيندس، ۽ جڏهن حساب جو ڏينهن ايندو ته مان تنهنجي ترازو ۾ وڃي ويهندس ۽ ان کي وزن دار ڪري ڇڏيندس. هي دوست ان شخص جو عمل آهي. صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان  عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هي ته تمام سٺو دوست آهي. نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: اها ئي حقيقت آهي.

   اي عاشقانِ رسول! هي اسان جا ٽي دوست آهن، يعني انسان هن دنيا ۾ گهڻو ڪري انهن ٽن شين جي فڪر ۾ رهندو آهي بلڪه گهڻو ڪري ماڻهن کي پنهنجي مال ۽ اهل و عيال جي فڪر ستائيندي آهي. عام طور ماڻهو انهيءَ ڪري گناهن ۾ به مبتلا ٿي ويندا آهن، حلال و حرام جو فرق مٽايو ويندو آهي. صبح ٿيندي آهي ته مال ڪمائڻ جي فڪر شروع ٿيندي آهي، انهيءَ فڪر ۾ رات ٿي ويندي آهي، ڏينهن رات، صبح شام، سڄي زندگي رڳو ڪمائڻ، کائڻ، گهر، ڪاريون، ڪوٺيون ٺاهڻ، نئين نئين سهولتن ۽ آسائشن جي فڪر ۾ زندگي گذرندي ويندي آهي، پر افسوس! هي دنيا عارضي آهي، تمام جلد موت ايندو، اسان جو مال، دولت، سڄي ڪمائي هتي ئي رهجي ويندي ۽ اسان پنهنجي اعمال کي ساڻ کڻي قبر ۾ لهي وينداسين.