Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

جنت جو خازن رهيو. هڪ ڀيرو شيطان جنت ۾ ڪنهن هنڌ لکيل ڏٺو ته مُقرَّبِين (يعني الله پاڪ جو قرب رکڻ وارن) مان هڪ اهڙو آهي، جنهن کي الله پاڪ هڪ حڪم ڏيندو پر هُو الله پاڪ جي نافرماني ڪري ويهندو، لهٰذا ان کي الله پاڪ جي دروازي کان ڌِڪاريو ويندو ۽ ان جون تمام عبادتون، ذرّن جيان اڏايون وينديون.

ابليس هي ڳالھ پڙهي پر هُن اهو غورئي نه ڪيو ته هي ڳالھ منهنجي باري ۾ به ٿي سگهي ٿي، هي پنهنجي حالت تي مطمئن هو، الله پاڪ جي خُفيه تدبير کان بي خوف هو، ان اهو ئي سمجهيو ته هي مان نه آهيان بلڪ ڪو ٻيو هوندو، جيئن ته اُن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: اي الله پاڪ! مون کي اجازت عطا فرمايو ته مان ان نافرمان تي لعنت موڪليان، الله پاڪ اُن کي اجازت عطا فرمائي، جيئن ته هي هڪ هزار سال تائين اُن نافرمان تي لعنت موڪليندو رهيو ۽ هن کي خبر نه هئي ته اهو نافرمان پاڻ ئي آهي.[1].

الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي الله پاڪ جي خُفيه تدبير کان بي خوفي...!! امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ لکن ٿا: هڪ اهڙي تحرير اسرافيل عَلَيۡهِ السَّلَام لوح محفوظ تي لکيل پڙهي، اُن کي پڙهي ڪري اُن تي خوفِ خُدا جو غلبو طاري ٿي ويو(کيس هي سمجهي رهيا هئا ته هي جنهن نافرمان جي متعلق عبارت لکيل آهي، اهو ڪو ٻيو نه بلڪ مان ئي آهيان، جيئن ته خوف خُدا جي غلبي جي سبب،) پاڻ روئڻ لڳا، ايترو رُنا جو ملائڪن کي اُن تي رحم اچڻ لڳو، سو ملائڪ سندن آسپاس جمع ٿي ويا، پڇيائون: اوهان ايترو شدت کان ڇو روئي رهيا آهيو؟ حضرت اسرافيل عَلَيۡهِ السَّلَام فرمايو: مون لوحِ محفوظ تي لکيل هڪ تحرير پڙهي آهي، اُن ۾ هڪ نافرمان جو ذڪر آهي (۽ مون کي خوف آهي ته ڪٿي اها تحرير منهنجي ئي باري ۾ نه هجي.) ملائڪن جڏهن هي ٻڌو ته انهن به اهو ئي سوچيو ته ڪٿي اها تحرير اسان جي ئي باري