Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

۾ نه هجي، جيئن ته اُهي ملائڪ به الله پاڪ جي خفيه تدبير کان روئڻ لڳا.[1]

 اي عاشقانِ رسول! هي ملائڪ آهن، جيڪي معصوم آهن، انهن کان گناھ ٿي ئي نٿا سگهن، هي ڪڏهن الله پاڪ جي نافرماني ڪندا ئي ناهن، غور فرمايو ان جي باوجود به هي الله پاڪ جي خفيه تدبير کان ڪيتري قدر ڊڄن ٿا...!! پوءِ هتي شيطان جي ۽ ملائڪن جي انداز جو فرق ڏسو! شيطان به اها ئي تحرير پڙهي پر هي پنهنجي حالت تي مطمئن رهيو، اُن اهو ئي سمجهيو ته هي نافرمان مان نٿو ٿي سگهان بلڪ ڪو ٻيو آهي پر ملائڪن اهڙو خيال دل ۾ نه آندو بلڪ هي سڀئي پنهنجي متعلق ڊڳا ۽ روئڻ شروع ٿي ويا....!!

الله پاڪ نه ڪري جو اسان جو انداز به هن خبيث شيطان جهڙو هجي، تمام ٿورا ماڻهو آهن جيڪي * جهنم جي عذاب جو ٻڌي ڪري * قبر ۽ آخرت جي هولناڪين جو ٻڌي ڪري * الله پاڪ جي خُفيه تدبير جي باري ۾ روايتون ٻڌي ڪري پنهنجي باري ۾ غور ڪندا آهن، عام طور تي ماڻهو اهو ئي سمجهي رهيا هوندا آهن ته * مون کي ڪجھ ناهي ٿيڻ وارو * مون کي ته الله پاڪ بخشي ڇڏيندو * هي روايتون * هي عذاب * هي هولناڪيون منهنجي لاءِ ناهن بلڪ ٻين جي لاءِ آهن.  

     اي عاشقانِ رسول! ايئن نه سوچو! الله پاڪ بي نياز آهي، اهو ڪنهن جو محتاج ناهي، منهنجي باري ۾ الله پاڪ جي خفيه تدبير ڇا آهي، مون کي ان جي باري ۾ سوچڻو آهي، ان جي فڪر ڪرڻي آهي * مان اَڄ نمازي آهيان، افسوس! ڪالھ نمازي نه رهي سگهيس ته ڇا ٿيندو؟ * اَڄ مان نيڪ آهيان، سڀاڻي مون کان نيڪي جي توفيق کسي وئي ته منهنجو ڇا بڻجندو؟ * هاءِ! افسوس! مون کي توبه جي توفيق ناهي ملي رهي * افسوس! مان گناھ نه پيو ڇڏي سگهان....! افسوس! جيڪڏهن اُن ۾ الله پاڪ جي خفيه تدبير ٿي