Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

مهر آهي؟ ڇوڪري جي والد چيو: تون غير مسلم ٿي وڃ. سو اُن پرهيزگار غير مسلم ٿي ان عورت سان نڪاح ڪري ورتو ۽ 2 ٻار به پيدا ٿيا. آخرڪار اهو غير مسلم ئي ٿي مئو. جڏهن ان جا ٻئي ساٿي سفر کان واپس آيا ته اُن جي باري ۾ معلومات ڪئي ته انهن کي ٻڌايو ويو ته هُو غير مسلم ٿي مري چڪو آهي ۽ غير مسلمن اُن کي پنهنجي قبرستان ۾ دفن ڪري ڇڏيو آهي ته اهي ان جي قبر تي تشريف کڻي ويا، اُتي هڪ عورت ۽ 2 ٻارن کي قبر تي روئندي ڏٺائون ته اُهي ٻئي به پري کان روئڻ لڳا. عورت انهن کان پڇيو: اوهان ڇو روئي رهيا آهيو؟ انهن هن جي عبادت، نماز ۽ پرهيزگاري جو ذڪر ڪيو، جڏهن عورت هي ٻڌو ته ان جي دل اسلام جي طرف مائل ٿي وئي ۽ ان پنهنجي ٻنهي ٻارن سميت اسلام قبول ڪري ورتو. حضرت شيخ ابو مُحَمّد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  هي واقعو بيان ڪرڻ کان پوءِ فرمائن ٿا: سُبْحٰنَ اللہ! جيڪو غير مسلم هو اهو اسلام کڻي آيو ۽ معاذالله جيڪو مسلمان هو غير مسلم ٿي مئو. تنهنڪري مسلمان کي گهرجي ته پنهنجي انجام کان ڊڄندو رهي ۽ الله پاڪ کان چڱي خاتمي جو سوال ڪندو رهي.[1]

  الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪهڙي نه عبرت جي ڳالھ آهي...!! اها عورت جنهن جي عشق ۾ مبتلا ٿي ڪري ان نيڪ انسان ايمان جهڙي دولت کي ڇڏي ڏنو، اسلام کان منهن موڙيائين، آخر اها مسلمان ٿي وئي ۽ اهو بدانجام غير مسلم ٿي دنيا مان هليو ويو....!!

مسلماں ہے عطاؔر تیری  عطا سے        ہو ایمان پر خاتمہ یاالٰہی!([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1] الروض الفائق، المجلس الثانی فی قولہ تعالیٰ...الخ، صفحہ:16

[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ:105۔