Book Name:ALLAH Pak Ki Khufiya Tadbeer

کولي ڪري اُن ۾ موجود شخص کي ڪڍجان ۽ ان سان اُهوئي سُلوڪ ڪجان جيڪو توتي لازم هو ته تون مون سان ڪرين ها(يعني اُن جي تجهيز و تڪفين ۽ تدفين وغيره ڪجان). هي ٻڌي ڪري مان روئي ڪري پڇڻ لڳس: اهڙو معاملو ٿيڻ جو سبب ڇا آهي؟ ته انهن جواب ڏنو: اي منهنجا پٽ! هي سڀ ڪجھ لوح محفوظ ۾ لکيل آهي، ۽ پهريان به ۽ بعد ۾ به الله پاڪ ئي جو حڪم آهي:

لَا یُسْــٴَـلُ عَمَّا یَفْعَلُ

ترجموڪنزالعرفان: الله کان ان ڪم جي باري ۾ سوال نه ڪيو ويندو جيڪو هُو ڪري ٿو. (پارہ:17، الانبیا:23)

 جڏهن ٽي ڏينهن گذريا ته منهنجو شيخ بي چين ٿي ويو، رنگ بدلجي ويو ۽ ان جو منهن ڪارو ٿي اوڀر جي طرف ڦري ويو ۽ هُو اونڌي منهن ڪِري مَري ويو. مان تمام گهڻو رُنس ۽ مون کي ايترو غم لاحق ٿيو جنهن کي الله پاڪ کان سواءِ ڪوبه نٿو ڄاڻي. پوءِ مون کي وصيت ياد آئي ته مون کيس هڪ پيتي ۾ رکيو ۽ جڏهن رات ٿي ته مون ان پيتي کي کڻي اُن جاءِ تي وڃي رکيو جنهن جاءِ بابت منهنجي شيخ ٻڌايو هو ۽ اُتي بيٺو رهيس ايستائين جو جڏهن سج نڪري آيو ته هڪ جماعت گريه زاري ڪندي آئي، انهن وٽ به هڪ پيتي هئي، اُنهن پنهنجي پيتي کي هن پيتي جي ڀرسان رکي ڇڏيو. انهن مان هڪ شخص اڳتي وڌيو ۽ جيڪا پيتي مون آندي هئي اها کڻي وڃڻ لڳو ته مون ان کي پڪڙي چيو: جيستائين تون مون کي پنهنجي باري ۾ نه ٻڌائيندي ته مان توکي نه ڇڏيندس. ته اُن مون کي پنهنجي باري ۾ ٻڌايو ته: مان اُن غير مسلم مذهبي رهنما جو 40 سال کان خادم رهيو آهيان. اُن پنهنجي موت کان پهريان مون کي سڏي ڪري چيو: اي منهنجا پٽ! منهنجو توتي ۽ تنهنجو مون تي حق آهي، توتي منهنجي تمام حقوق مان هڪ هي آهي ته جڏهن مان 3 ڏينهن کان پوءِ مري وڃان تون مون کي هڪ پيتي ۾ رکجان ۽ اها پيتي کڻي فلاڻي جاءِ تي رکي ڇڏجان ۽ هن ئي جاءِ جو ذڪر ڪيو ۽ اهو به چيائين ته