Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي عرض ڪيو ويو: اوهان صبح ڪهڙي حالت ۾ ڪئي؟ ته فرمايائون: مون صبح ان حالت ۾ ڪئي ته عمر گهٽ ٿي رهي آهي گناھ وڌي رهيا آهن* هڪ عقلمند کان پڇيو ويو: اوهان صبح ڪهڙي حالت ۾ ڪئي؟ ته (عاجزي ڪندي) جواب ڏنائين: مون صبح هن حالت ۾ ڪئي جو مان پنهنجي ربّ جو رزق کاوان ٿو ۽ ان جي دشمن، ابليس جي اطاعت ڪيان ٿو. *حضرت محمد بن واسع  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان پڇيو ويو: اوهان صبح ڪهڙي حالت ۾ ڪئي؟ ته فرمايائون: توهان جو ان شخص جي باري ۾ ڇا خيال آهي جيڪو هر روز آخرت جي طرف منزل طئي ڪري ٿو. *حضرت حامد لفّاف رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ عرض ڪيو ويو: اوهان ڪهڙي حالت ۾ صبح ڪئي؟ ته فرمايائون: مون صبح اهڙي حالت ۾ ڪئي جو صبح کان وٺي ڪري رات تائين عافيت جو خواهشمند رهندو آهيان. عرض ڪيو ويو: ڇا اوهان هر روز عافيت ۾ ناهيو هوندا؟ فرمايائون: عافيت ته اُن ڏينهن هوندي آهي جنهن ڏينهن الله پاڪ جي نافرماني نه ٿئي.[1] *حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان ڪنهن پڇيو: اوهان صبح ڪيئن ڪئي؟ فرمايائون: اُن شخص جي صُبۡح ڪهڙي حالت ۾ ٿيندي جيڪو هڪ گهر(يعني دنيا) کان ٻي گهر(يعني آخرت) جي طرف وڃڻ وارو هجي ۽ ڪا خبر نه هجي ته جنت ۾ وڃڻو آهي يا دوزخ ٺڪاڻو آهي.[2]

 پيارا اسلامي ڀائرو! هي نيڪ ماڻهن جون نيڪ صبحون آهن، انهن جون ڪيفيتون ڪهڙيون نراليون هيون، هي ڊڄندا هئا، موت کي سامهون ڏسندا هئا، آخرت جي فڪر ڪندا هئا، صبح جو اٿندي ئي پنهنجي گناهن کي ياد ڪندا هئا، هونئن ته ڏينهن رات، صبح شام نيڪيون ئي نيڪيون ڪندا هئا، ان جي باوجود به نيڪين جي گهٽتائي تي حسرت ڪندا هئا. هڪ طرف اسان گنهگار آهيون، نه صبح جو قبر ۽ آخرت جو خيال ايندو آهي، نه شام جو الله پاڪ جي ياد ايندي آهي..!! افسوس! ڪاش! اسان کي نيڪي جي رغبت ملي وڃي، ڪاش! قبر و


 

 



[1] احیاء علوم الدین، کتاب اداب العزلۃ، الباب الثانی فی فوائد العزلۃ...الخ، جلد:2، صفحہ:286۔

[2] تنبیہ الغافلین، باب ماقیل کیف یصبح الرجل، صفحہ:324۔