Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

کڻي مري ويو ته الله پاڪ جي حضور ان وٽ ڪا حجّت نه هوندي(يعني قيامت جي ڏينهن حق جي ادائيگي مشڪل ٿيندي) (2) الله پاڪ جي مقرر ڪيل فرائض مان ڪو فرض سندس ذمي نه هجي(مثلاً عشاء جي نماز رهجي ٿي ته پڙهي ڪري سمهي، اهڙي طرح ٻين فرضن تي به غور ڪري) (3) پنهنجي تمام گناهن کان توبه ڪري سمهي (جو جيڪڏهن ننڊ جي حالت ۾ موت اچي به ويو ته توبه تي خاتمو ٿيندو) (4) وصيت لکي ڪري سمهي.[1]

 پيارا اسلامي ڀائرو! هي فڪر جي ڳالھ آهي. اسان کي اهو سمجهايو ويو ته صبح جون ڪيفيتون صحيح ڪرڻ چاهيو ٿا، چڱي صبح ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان جي لاءِ رات جو سمهڻ کان پهريان جون ڪيفيتون درست ڪيو! ڇوته انسان جنهن حالت ۾ سمهندو آهي، انهي حالت ۾ اٿندو آهي، افسوس! اسان وٽ سمهڻ جي وقت جو معمول به عجيب و غريب هوندو آهي، ڪيئي اهڙا آهن گناھ ڪري سمهندا آهن، ڪيئي اهڙا آهن عشاء جي نماز پڙهڻ بغير سمهي رهندا آهن، ڪيترائي اهڙا آهن گناهن وارا چينل ڏسندي ڏسندي سمهي رهندا آهن، اهڙا نادان به آهن جيڪي هينڊ فري ڪنن ۾ لڳائي، موبائل تي گانا هلائي ميوزڪ ٻڌي ٻڌي سمهي رهندا آهن، ڪيئي اهڙا آهن جيڪي فحش ۽ گندي ويب سائيٽس ڏسي ڪري سمهندا آهن، ڪيئي ماڻهن جون راتيون موبائل جي وَر چڙهي وينديون آهن، صبح سحري جي وقت وڃي اکيون بند ڪندا آهن، پوءِ صبح 12 وڳي اٿندا آهن...! ڪاش! اسان جي رات جو معمول به صحيح ٿي وڃي ۽ صبح جون ڪيفيتون به سنورجي وڃن.

رات جو سمهڻ کان پهريان توبه ڪيو، 2 رڪعتون نمازِتوبه پڙهو، ڪجھ تلاوت ڪري سمهو، پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي سُنت آهي ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  سمهڻ کان پهريان 3 قُل(يعني سُورهءِ اخلاص، سورهءِ فلق ۽ سورت الناس) پڙهي ڪري هٿن تي ڦوڪ هڻي، پوءِ سڄي جسم مبارڪ تي هٿ ڦيريندا هئا ۽


 

 



[1] تنبیہ الغافلین، باب ما قیل کیف یصبح الرجل، صفحہ:324۔