Subha Kis Haal Mein Ki

Book Name:Subha Kis Haal Mein Ki

اهو ٻڌي ڪري اهو محافظ هليو ويو. هاڻي رسولِ ذيشان، مڪي مدني سُلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم   اُن اعرابي صحابي کان پڇيو: مون وٽ اچڻ کان پهريان تو ڇا پڙهيو هو؟ عرض ڪيائين: منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان ٿين، مون هيئن درود پاڪ پڙهيو هيو: اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍحَتٰی لَاتَبْقَی صَلٰوۃٌ

اي الله پاڪ! محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تي انتهائي ڪثرت سان درود موڪل.

اَللّٰھُمَّ بَارِکْ عَلٰی مُحَمَّدٍ حَتٰی لَاتَبْقَی بَرَکَۃٌ

  اي الله پاڪ! محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تي انتهائي ڪثرت سان برڪتون نازل فرماءِ.

اَللّٰھُمَّ سَلِّمْ عَلٰی مُحَمَّدٍ حَتٰی لَایَبْقَی سَلَامٌ

اي الله پاڪ! محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تي انتهائي ڪثرت سان سلامتيون نازل فرماءِ.

اَللّٰھُمَّ وَارْحَمْ مُحَمَّدًا حَتٰی لَاتَبْقَی رَحْمَۃٌ

  يعني اي الله پاڪ! محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تي انتهائي ڪثرت سان رحمتون نازل فرماءِ.

 

اهو ٻڌي ڪري رسولِ ذيشان، مڪي مدني سُلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم   فرمايو: (اهو ئي سبب آهي جو) هن جو معاملو مون تي ظاهر ڪيو ويو، اُٺ اوهان جي حق ۾ گواهي ڏني ۽ ملائڪن آسمان جي ڪنارن کي گهيري ورتو. ([1])   

نبی کی شان میں ہو جس قدر درود پڑھو                                                     مُحِبَّو! پاؤ گے جنّت میں گھر درود پڑھو

جو اپنے کاموں کا انجام نیک چاہتے ہو                                        ہر ایک کام میں تم پیش تر درود پڑھو

ہزار درد کو یہ ایک دوا کفایت ہے                                                          جو پیش آئے ذرا بھی خطر درود پڑھو([2])


 

 



[1]...معجم کبیر، جلد:3، صفحہ:265، حدیث:4754۔

[2]... نورِ ایمان، صفحہ:56تا57 ملتقطاً۔