Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بي وضو جي نماز قبول ناهي ايستائين جو وضو ڪري. ([1])

مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: قبول مان مراد نماز جو جائز هجڻ آهي. (يعني جنهن جو وضو صحيح نه هجي، اُن جي نماز شروع کان ٿيندي ئي ناهي) بلڪه عالم سڳورا فرمائن ٿا: نماز کي هلڪو سمجهندي ڄاڻي واڻي بي وضو نماز پڙهڻ ڪفر آهي. ([2])

پيارا اسلامي ڀائرو! * پنهنجو وضو صحيح ڪرڻ ۽ وضو جا فضائل معلوم ڪرڻ جي لاءِ امير اهل سنت حضرت مولانا محمد الياس عطار قادري    دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه  جو رسالو وضو جو طريقو (حنفي) پڙهي وٺو! * اهڙي طرح دعوت اسلامي جي ديني ماحول ۾ اَلحَمۡدُلله! طهارت ڪورس ۽ فيضانِ نماز ڪورس به ڪرايو ويندو آهي، مختصر ڪورس آهن، هي ڪورس ڪري وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! وضو، نماز ۽ طهارت وغيره جي متعلق فرض علم دين سکڻ نصيب ٿيندو.

عمل کا ہو جذبہ عطا یااِلٰہی!                                                                                    گُنَاہوں سے مجھ کو بچا یااِلٰہی!

دے شوقِ تِلاوت، دے ذوقِ عبادت           رہوں باوُضُو میں سدا یااِلٰہی!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...بخاری،کتاب الوضوء، باب لا تقبل صلاۃ بغیر طہور، صفحہ:110، حدیث:135۔

[2]...بہارِ شریعت، جلد:1، صفحہ:282، حصہ:2بتصرف۔