Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

ڀونڪڻ لڳو، پوءِ اهو مري ويو پر ان جي قبر مان رڙين ۽ ڀونڪڻ جو آواز ٻڌو ويو. ([1])

صحابه هدايت جا تارا آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! مَعَاذالله! صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان کي گاريون ڏيڻ تمام سخت گناھ، پنهنجي قبر کي جهنّم جي کڏ بڻائڻ ۽ جهنم ۾ وٺي ويندڙ ڪم آهي. ([2]) صحابي سڳورا سڄي جهان جي مسلمانن کان افضل آهن. هي اهي هستيون آهن جن جي باري ۾ محبوبِ ربِّ اڪبر صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: اَصْحَابِيْ کَالنُّجُوْمِ بِاَيِّہِمُ اقْتَدَيْتُمْ اِہْتَدَيْتُم يعني منهنجا صحابه تارن جيان آهن ته توهان انهن مان جن جي پيروي ڪندا هدايت ماڻيندا. ([3])

اعليٰ حضرت امام اهلسنت امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

اہلسنّت  کا ہے بَیڑا  پار اَصحابِ  حُضُور                                                                            نَجم ہیں اور ناؤ ہے عِترَت رسول اللہ کی

وضاحت: يعني اهلسنت جو ٻيڙو پار آهي ڇوته صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان انهن جي لاءِ تارن جيان آهن ۽ اهلبيت اطهار رَضِىَ اللهُ عَنْهم ٻيڙي جيان آهن ۽ سمندري سفر ۾ ٻيڙي به هجي ۽ رستو تلاش ڪرڻ جي لاءِ تارا به هجن ته ٻيڙي ٻڏندي ناهي بلڪه پنهنجي منزل تي پهچندي آهي.

صحابه جي گستاخ تي لعنت

سرڪارِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: لعنت آهي اُن تي جيڪو


 

 



[1]... شرح الصدور، الباب الرابع و الثلاثون، باب عذاب القبر، صفحہ:126۔

[2]...غیبت کی تباہ کاریاں، صفحہ:196۔

[3]...کشف الخفاء، جلد:1، صفحہ:118، حدیث:381۔