Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

بارگاهه ۾ قبر جي عذاب کان پناھ گهرو...!! ([1])  

اچو مصطفٰي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪم تي عمل جي نيت سان پناهه گهرون ٿا:

نَعَوْذُ بِاللہِ مِنْ عَذَابِ الْقَبْرِ  (اسان قبر جي عذاب کان الله پاڪ جي پناھ گهرون ٿا)

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گهرجي ته اسان قبر جي عذاب کان پناھ گهرون، پوءِ ان کان گڏوگڏ انهن گناهن کان به بچندا رهون جيڪي قبر جي عذاب جو سبب بڻجندا آهن. اچو! اهڙن ڪجھ گناهن جي باري ۾ ٻڌون ٿا:

پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچڻ جو  وبال

حـضرت اَبو بَڪـره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا تـه مان هڪ ڀيرو سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! سان گڏ ڪاٿي وڃي رهيو هيس ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتو. ائين هلندي هلندي اسان پنهنجي سامهون ٻه قبرون ڏٺيون ته جنابِ رِسَالتِ مَآب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو انهن ٻنهي کي عذاب ٿي رهيو آهي ۽ ڪنهن اهڙي گناهه جي ڪري عذاب نه ٿي رهيو آهي جو جنهن کان بچڻ مشڪل هجي، پوءِ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو:  ڪيرآهي جيڪو مون کي ٽاري کڻي ڏئي. هڪ شخص جلدي مان ويو ۽ ٽاري کڻي آيو، پاڻ ڪريم         صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان ٽاري جا ٻه ٽڪرا ڪيا ٻنهي قبرن تي هڪ هڪ ٽڪرو رکيو، پوءِ ارشاد فرمايائون هي جيستائين ساوا رهندا انهن تي عذاب ۾ گهٽتائي رهندي ۽ انهن ٻنهي کي غيبت ۽ پيشاب جي ڪري عذاب ٿي رهيو آهي. ([2])

نگاهِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪمال

پيارا اسلامي ڀائرو! سڀني کان پهريان ته هن حديث پاڪ جي روشني ۾


 

 



[1]... مسند امام احمد ، جلد:11، صفحہ:171، حدیث:27803۔

[2]...  مسند امام احمد، جلد:8، صفحہ:256، حدیث:20910۔