Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

بي وضو نماز پڙهڻ جو وبال

حضرت عمروبن شُرَحبِيل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ شخص جو انتقال ٿي ويو، ماڻهو ان کي پرهيزگار سمجهندا هئا پر جڏهن هُو پنهنجي قبر ۾ پهتو ملائڪن چيو: اسان توکي عذاب جا 100 ڪوڙا هڻنداسين. ان چيو: توهان مون کي ڪوڙا ڇو هڻندؤ، ڇا مان پرهيزگار نه هيس؟ چيائون: هلو! 50 ڪوڙا هڻنداسين.  ان وري چيو: ڇا مان پرهيزگار نه هيس؟ ايئن ئي اُن شخص ۽ ملائڪن جي وچ ۾ گفتگو هلندي رهي، ايستائين جو ڳالھ هڪ ڪوڙي تي اچي بيٺي، هاڻي ته ملائڪن ان کي هڪ ڪوڙو هڻي ڇڏيو. بس اهو هڪ ئي ڪوڙو لڳڻ جي دير هئي ته قبر ۾ باھ ڀڙڪي پئي ۽ اهو مڙدو سڙي خاڪ ٿي ويو. ان کي وري پهرين حالت ۾ آندو ويو. هاڻي ان چيو: توهان مون کي هي ڪوڙو ڇو هنيو؟ ملائڪن چيو: هڪ ڏينهن تو بنا وضوءَ جي نماز پڙهي هئي ۽ هڪ ڏينهن مظلوم توکان مدد گهري هئي پر تو(طاقت جي باوجود) ان جي مدد نه ڪئي هئي.([1])

الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! ڪيتري سخت ڳالھ آهي، اهو شخص نمازون پڙهندو هيو، نيڪ ڪم ڪندو هيو، گناهن کان بچندو هيو، نيڪ هيو، پرهيزگار هيو پر.....!!

عدل کریں تَا تَھر تَھر کنبَن اُچیاں شاناں والے

 مفهوم: يعني الله پاڪ جيڪڏهن انصاف فرمائي(يعني صرف پنهنجي رحمت سان بخشش نه ڪري بلڪ اعمال جو حساب وٺي) ته وڏي وڏي شان وارا به ڏڪڻ لڳندا.

ان نيڪ شخص کان غلطي اها ٿي، هڪ ڏينهن اُن وضو جي بغير


 

 



[1] مصنف ابن ابی شیبۃ،کتاب الزھد، کلام علقمۃ،۸/۲۱۵،حدیث:۱۳