Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

ڏسڻو آهي ته سيپاري: 27، سوره وَالنَّجۡم پڙهو، الله پاڪ هن سورت ۾ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏسڻ جي قوت جو ڪمال بيان فرمايو آهي.

 (2)   ٻه  خطرناڪ گناه

پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث شريف مان اسان کي اهو به سکڻ جي لاءِ مليو ته چغلي ۽ پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچڻ تمام خطرناڪ گناھ آهن. انهن ئي گناهن جي سبب انهن مُردن کي عذاب ٿي رهيو هو ۽ پياري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  انهن جي باري ۾ فرمايو: مَایُعَذِّبَانِ فِیْ کَبِیْرٍ  يعني انهن کي عذاب ڪنهن اهڙي گناھ جي سبب ناهي ٿي رهيو جن کان بچڻ نهايت مشڪل آهي. ([1]) 

خبر پئي! چغلي ۽ پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچڻ اهڙا گناهه ناهن جن کان بچڻ مشڪل هجي پر افسوس! اڄڪلھ حالات ڏاڍا ابتا ٿي ويا آهن، اڄوڪي دور ۾ نيڪي ڪرڻ مشڪل ۽ گناھ ڏاڍا آسان ٿي ويا آهن، اهڙا گناهه جن سان بچڻ مشڪل ناهي، اسان جو معاشرو انهن گناهن جي لپيٽ ۾ اچي چڪو آهي. * غيبت کي ئي وٺو! فساد ڪرائڻ جي لاءِ هڪ شخص جي ڳالھ ٻئي تائين پهچائڻ غيبت چورائيندو آهي.([2]) * غيبت ناجائز و حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي.([3]) پر افسوس! اسان جي حالت اهڙي آهي جو * بس ٻه شخص ڪٿي ويهي رهن، غيبت، چغلي* گهرن ۾ غيبتون، چغليون * بازار ۾ دڪاندار پاڻ ۾ هڪٻئي جون غيبتون ڪندا آهن * آفيسن ۾ غيبتون، چغليون* دوستن جي ويهڪ ۾ غيبت، چغلي مطلب ته انهن گناهن جي ايتري ڪثرت آهي جو بس الله پاڪ جي پناھ...!! اڄڪلھ هن کان بچڻ ڏاڍو مشڪل


 

 



[1] بخاری، کتاب الجنائز، باب الجرید علی القبر، صفحہ:381، حدیث:1361۔

[2] الحدیقۃ الندیہ، القسم الثانی، المبحث الاول، النوع السابع فی النمیمۃ، جلد:4، صفحہ:63

[3] الحدیقۃ الندیہ، القسم الثانی، المبحث الاول، النوع السابع فی النمیمۃ، جلد:4، صفحہ:64 بتصرف