Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

سمجهي رهيو هو ته پاڻ هٿ سان آلو ڪرڻ گناھ آهي، جيڪو بارش سان قدرتي طور آلو ٿي وڃي اُن ۾ اسان جو ڪهڙو گناھ آهي؟ هن حديث پاڪ مان 2 مسئلا معلوم ٿيا: (1) هي ته واپار واري شيءِ جو عيب لڪائڻ گناھ آهي بلڪ خريدار کي عيب ٻڌائي ته اهو چاهي عيبدار سمجهي ڪري خريد ڪري، چاهي نه خريد ڪري. (2) هي ته واپار جي شيءِ ۾ عيب پيدا ڪرڻ به جرم آهي ۽ قدرتي پيدا ڪيل عيب کي لڪائڻ به جرم آهي. ([1])

کير ۾ ملاوٽ ڪرڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! کير ۾ ملاوٽ ڪرڻ واري جي لاءِ به سخت وعيد آئي آهي، حضور نبي اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: وڪڻڻ جي لاءِ  جيڪو کير هجي اُن ۾ پاڻي نه ملايو[2] ۽ حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي ته هڪ ڀيرو ڪٿان کان گذريا ته ڏٺائون ته هڪ شخص کير وڪڻي رهيو آهي، پاڻ    رَضِىَ اللهُ عَنْه کير ڏٺو ته اُن ۾ پاڻي مليل آهي، ان کي فرمايائون: ان وقت تنهنجو ڪهڙو حال هوندو جڏهن قيامت جي ڏينهن توکي چيو ويندو ته کير کان پاڻي الڳ ڪيو.....!!! ([3])

 اے ملاوٹ کرنے والے مان جا                                                                        خود کو یوں دوزخ کا ایندھن مَت بنا

پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته جنهن کير ۾ پاڻي ملايو پوءِ ان کي وڪڻيو ته ان کي قيامت جي ڏينهن چيو ويندو: کير مان پاڻي ڪڍو حالانڪه اهو ان جي طاقت نه رکندو هوندو.


 

 



[1]... مرا ۃ المناجیح،جلد:4، صفحہ:272، 273 ملخصاً۔

[2] ( شعب الایمان للبیہقی ، باب فی الامانات ووجوب ادائھاالی اہلھا ،۴ /۳

[3]...       شعب الایمان ، باب فی الامانات ووجوب ادائھاالی اہلھا ، جلد:4، صفحہ:334، حدیث:5310۔