Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

ٿيندڙ آخري عشري جي اجتماعي اعتڪاف جي ڀرپور ترغيب ڏياري، پوءِ الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان مون کي اعتڪاف جي سعادت ملي، اجتماعي اعتڪاف جو پُرڪيف ماحول، پُرسوز بيان، سحرو افطار جا روحاني منظر تمام سٺا لڳا، وڌيڪ ڪرم اهو جو اميرِاهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي علمي ۽ روحاني ’’مدني مذاڪرن‘‘ ۽ رقت انگيز دعائن دل مان گناهن جو مير صاف ڪري ڇڏيو۔ منهنجي گناهن سان ڀريل انڌيري زندگي ۾ عشقِ مصطفيٰ جي روشني ڦهلجي وئي۔ مون پنهنجي گناهن کان سچي توبه ڪئي ۽ امير اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سان بيعت جو شرف حاصل ڪيو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! ڏاڙھي شريف سان چهرو سجائي ورتو، مٿي تي عمامي جو تاج سجايو ۽ سنّتن ڀري زندگي گذارڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جو ديني ماحول اختيار ڪري ورتو۔([1])

مقبول جہاں بھر میں ہو دعوتِ اسلامی                              صدقہ  تجھے  اے  ربِّ  غَفَّار!  مدینے کا([2])

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                              صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

صراط الجنان ايپلي ڪيشن

  اي عاشقانِ رسول! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي اسان کي موبائل جي ذريعي به عِلمِ دين سکڻ ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري ٿي۔ دَعوَتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ پاران هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جارِي ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو آهي: Sirat ul Jinan Quran & Tafsir (صراط الجنان قرآن اينڊ تفسير)هي ايپلي ڪيشن Android ۽ IOS ٻنهي طرح جي ڊيوائسز تان ڊاؤن لوڊ ڪري استعمال ڪري سگھجي ٿي، هن ايپلي ڪيشن ۾* مڪمل قرآن ڪريم * اعليٰ حضرت، اِمامِ اهلسنت، شاھ امام احمد رضا


 

 



[1]...بدچلن کیسے تائب ہوا؟، صفحہ:12تا 14 بتغیر۔

[2]...وسائلِ بخشش،صفحہ:180۔