Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                          صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  قبر ۾ عذاب ڏٺو

حضرت اَبُوامامه باهَلي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ صحابي رسول آهن، پاڻ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻن قبرن وٽ تشريف کڻي آيا ۽ فرمايائون:   ڇا هتي فلاڻا فلاڻا دفن آهن؟ صحابه ڪِرام رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ عرض ڪيو: جي ها! (يَارَسُول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ارشاد فرمايائون. بيشڪ هاڻي هاڻي فلاڻي کي قبر ۾ ويهاري ماريو ويو آهي. پوءِ فرمايائون: ان ذات جو قسم جنهن جي قبضہِء قدرت ۾ منهنجي جان آهي! هن کي ايترو ته، ماريو ويو آهي جو هن جو هڪ هڪ عُضوو جدا ٿي ويو آهي ۽ ان جي قبر ۾ باهه ڀڙڪائي وئي آهي ۽ هن اهڙي رڙ ڪئي آهي جو جنهن کي جنّن ۽ انسانن کان علاوه تمام مخلوق ٻڌو آهي ۽ جيڪڏهن توهان جي دلين ۾فساد نه هجي (ها) ۽ توهان گهڻيون ڳالهيون نه ڪيو ها، ته توهان به اهو ٻڌو ها جيڪو مان ٻڌان ٿو، پوءِ فرمايائون هاڻي ٻئي کي به ماريو پيو وڃي. پوءِ فرمايائون :ان ذات جو قسم جنهن جي دستِ قدرت ۾ منهنجي جان آهي ان کي به ايترو زور سان ماريو ويو آهي جو ان جي به هر هر هڏي جدا ٿي وئي آهي ۽ ان جي قبر ۾ باهه ٻاري وئي آهي ان به اهڙي رڙِ


 

 



[1]...بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔