Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

اندر باھ ۾ اڇليو ويندو. ([1])

برزخ ڇا آهي

مُفَسِّرِشَهِيرحڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: قبر مان مراد عالمِ برزخ آهي جنهن جي ابتداء هر شخص جي موت کان آهي ۽ انتها قيامت تي، تنهنڪري جيڪو مردو دفن نه ٿيو بلڪ ساڙيو ويو، يا ٻوڙيو ويو، يا ان کي شير کائي ويو ان کي به قبر جو حساب ۽ عذاب آهي. ([2])

دے نَزْع و قبر وحشر میں ہر جا اَمان، اور             دوزخ کی آگ سے بچا، یا ربِّ مصطَفٰے

هي اُمَّت پنهنجي قبرن ۾ آزمائي ويندي

 حضرت زيد بن ثابت رَضِىَ اللهُ عَنْه  بيان ڪن ٿا: حضور نبي اڪرم
صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ ڀيرو خچر تي سُوار ٿي ڪري هڪ باغ ۾ تشريف کڻي ويا، اوچتو خچر گهٻرائجي ٽپ ڏيڻ لڳو، ڏٺو ويو ته اتي چار، پنج قبرون هيون پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پڇيو: انهن قبرن وارن کي ڪير ٿو سڃاڻي؟ هڪ شخص عرض ڪيو: مان سڃاڻان ٿو. فرمايائون: هي ڪڏهن مئا هئا؟ عرض ڪيائين: شرڪ ۽ ڪفر جي حالت ۾ مئا هئا. اُن تي پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بيشڪ هي اُمَّت پنهنجي قبرن ۾ آزمائي ويندي. جيڪڏهن هي خوف نه هجي ها ته توهان مڙدا دفنائڻ ئي ڇڏي ڏيندا ته مان الله پاڪ کان دعا ڪيان ها


 

 



[1]... روح المعانی ، پارہ:29، سورۂ نوح، زیرِ آیت:25، جلد:15، صفحہ:125۔

[2]...  مراۃ المناجیح، جلد:1، صفحہ:125بتصرف۔