Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

خيانت منافقت جي علامت آهي

نور جي پيڪر، تمام نبين جي سَرور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: 3 ڳالهيون اهڙيون آهن جنهن ۾ پاتيون وڃن، اهو منافق ٿيندو جيتوڻيڪ نماز، روزي جو پابند ئي ڇونه هجي: (1) جڏهن ڳالھ ڪري ته ڪوڙ هڻي (2) جڏهن وعدو ڪري ته خلاف ورزي ڪري (3) جڏهن امانت ان جي حوالي ڪئي وڃي ته خيانت ڪري. ([1])

باه جا 2 جبل

روح البيان ۾ آهي: جيڪو ماپ تور ۾ خيانت ڪندو آهي، قيامت جي ڏينهن اُن کي دوزخ جي گهرائين ۾ وڌو ويندو ۽ باھ جي 2 جبلن جي وچ ۾ اٿاري حڪم ڏنو ويندو، هنن جبلن کي ماپيو ۽ توريو! جڏهن تورڻ لڳندو ته باھ ان کي ساڙي ڇڏيندي. ([2])

پيارا اسلامي ڀائرو! خوب غور فرمايو! مختصر زندگي ۾ ڪجهه فاني سڪا حاصل ڪرڻ جي لاءِ جيڪڏهن بي ايماني ڪئي ته ڪيتري قدر سخت عذاب جي وعيد آهي. اَڄ معمولي گرمي برداشت ناهي ٿيندي ته جهنم ۾ باھ جي جبلن جي تپش ڪيئن برداشت ٿيندي! خدارا! پنهنجي حالت تي رحم ڪندي مال جي حوس کان پري رهو، نه ته حرام مال ٻنهي جهانن ۾ وبال ئي وبال ثابت ٿيندو.

ماپڻ ۾ بي احتياطي جي سبب سزا

 حضرت حارث مُحَاسِبي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ اناج ماپڻ واري هن ڪم کي ڇڏي ڏنو ۽ عبادتِ الٰهي ۾ مشغول ٿيو. جڏهن اهو مري ويو ته اُن جي ڪجھ


 

 



[1]... مسلم،کتاب الایمان ،باب بیان خصال المنافق، صفحہ:46، حدیث:59بتصرف۔

[2]... روح البیان، پارہ:29، سورۂ مطففین، زیرِ آیت:1، جلد:10، صفحہ:370۔