Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

احباب انهن کي خواب ۾ ڏسي ڪري پڇيو: مافَعَلَ اللہُ بِکَ؟ يعني الله پاڪ تو سان ڪهڙو مُعاملو فرمايو؟ ان چيو: منهنجو اهو پيمانو جنهن سان مان اناج وغيره ماپيندو هيس، اُن ۾ منهنجي بي احتياطي سبب مٽي ڄمي وئي هئي جنهن کي مون لاپرواهي جي ڪري صاف نه ڪيو ته هر ڀيري ماپڻ جي وقت اُن مٽي جي برابر گهٽ ٿي ويندو هو. مان ان قصور جي ڪري غضب ۾ مبتلا آهيان. ([1])

قبر مان رڙين جو  آواز

 اهڙي طرح هڪ ٻيو شخص به پنهنجي تَرازو(ساهمي) کي مِٽّي وغيره سان صاف نه ڪندو هو ۽ اهڙي طرح شيءِ توري ڇڏيندو هو. جڏهن هُو مئو ته اُن کي به قبر ۾ عذاب شروع ٿي ويو. ايستائين جو ماڻهن اُن جي قبر مان رڙين جون آواز ٻڌو. ڪجھ نيڪ ماڻهن کي قبر مان رڙين جو آواز ٻڌي ڪري رحم اچي ويو ۽ انهن ان جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي ته ان جي برڪت سان الله پاڪ ان جي عذاب کي پري ڪري ڇڏيو. ([2])

حرام ڪمائي ڪيڏي ويندي آهي؟

هنن واقعن ۽ روايتن مان اهي ماڻهو ضرور درس ۽ عبرت حاصل ڪن جيڪي بي ايماني ڪندا ۽ گهٽ توريندا آهن. بي ايماني ڪري گهٽ ماپي ڪري بعض اوقات بظاهر مال ۾ ڪجھ زيادتي نظر اچي به ويندي آهي پر اهڙي آمدني ڪهڙي ڪم جي! ڪڏهن ڪڏهن دنيا ۾ به هن قسم جو مال وبال بڻجي ويندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڊاڪٽرن جي فيسن. بيمارين جي دوائن.


 

 



[1]...تنبیہ المغترین، الباب الاول، و من اخلاقہم کثرۃ الخوف من اللہ تعالی ان یعذبہم...الخ، صفحہ:47۔

[2]...تنبیہ المغترین، الباب الاول، و من اخلاقہم کثرۃ الخوف من اللہ تعالی ان یعذبہم...الخ، صفحہ:48۔