Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

کير ۾ ملاوٽ ڪرڻ سان ڍورن جي هلاڪت

حضرت علامه عبدالرحمٰن اِبن جوزي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ کير وڪڻڻ وارو رهندو هو، ان جي عادت هئي ته اهو کير ۾ پاڻي ملائيندو هو. هڪ ڀيرو سيلاب آيو ۽ ان جا ڍور( مينهن، ڳئون، ٻڪري وغيره) لوڙهي هليو ويو ته هُو روئندي چوڻ لڳو ته سڀئي ڦڙا ملي ڪري سيلاب بڻجي ويا. ([1])

دُودھ میں پانی ملانا چھوڑ دو                                                                                                                اور ناجائز کمانا چھوڑ دو

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

گستاخِ صحابه جو انجام

پيارا اسلامي ڀائرو! قبر جي عذاب جو هڪ وڏو سبب صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان   ۽ نيڪ ماڻهن جي گستاخي به آهي. جيئن ته حضرت ابو اسحاق رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون کي هڪ ميّت کي غسل ڏيڻ جي لاءِ سڏيو ويو، جڏهن مون ان جي منهن تا ڪپڙو هٽايو ته ڇا ٿو ڏسان ته اُن جي ڪنڌ تي هڪ نانگ چنبڙيل هو، ماڻهن ٻڌايو ته هي شخص صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان  کي گاريون ڏيندو هو. ([2]) ([3])

صحابي جي قبر جي توهين ڪرڻ واري جو  انجام

حضرت امام اَعۡمَش رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا: هڪ شخص حضرت امام حسن بن علي رَضِىَ اللهُ عَنْهُما جي مبارڪ قبر تي پيشاب ڪيو ته اهو چريو ٿي ويو ۽ ڪتّن جيان


 

 



[1]...بحرالدموع،الفصل الثانی والثلاثون،  صفحہ:182۔

[2]... شرح الصدور، الباب الرابع و الثلاثون، باب عذاب القبر، صفحہ:125۔

[3]...موسوعۃ ابن ابی دنیا، کتاب القبور، جلد:6، صفحہ:83، رقم:129 ۔