Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم:  هفتيوار مدني مذاڪرو

پيارا اسلامي ڀائرو! امير اهل سنت مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه دورِ حاضر جي عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت بلڪ ولي ڪامل آهن، پاڻ هر هفتي تي عشاء جي نماز کان پوءِ مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، يعني سڄي دنيا مان عاشقانِ رسول تفسير، حديث، شريعت، طريقت وغيره  مختلف موضُوعن تي سوال ڪندا آهن، امير اهل سُنت انهن جا جواب عنايت فرمائيندا آهن. هي مدني مذاڪرو مدني چينل تي لائيو ڏيکاريو ويندو آهي. مدني مذاڪرو اصلاحِ عقائد و اعمال جو بهترين ذريعو آهي: * اَلحَمۡدُلله! هاڻي تائين ڪيئي ڪافر مدني مذاڪرو ڏسي ڪري ڪلمو شريف پڙهي چڪا آهن *  لکين بي نمازي، * نمازي بڻجي چڪا آهن، * هزارين دلين جي اصلاح ٿي آهي. اوهان به مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * علم دين حاصل ٿيندو * محبت الٰهي ملندي* عشقِ رسول ۾ اضافو ٿيندو * گناهن کان نفرت نصيب ٿيندي * نيڪي جو جذبو ملندو ۽ * اخلاق و ڪردار ۾ به بهتري ايندي. تمام اسلامي ڀائر هر هفتي عشاء جي نماز کان پوءِ پابندي سان مدني مذاڪرو ڏسڻ جي نيّت ڪيو.

ماڊرن نوجوان جي توبه

منڊي بهاؤ الدين (صوبه پنجاب، پاڪستان) جي رهاڪو هڪ اسلامي ڀاءُ جي تحرير جو خلاصو آهي ته دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول کان پهريان مان فيشن جي هلاڪت ڪندڙ وادين ۾ ڀٽڪي رهيو هئس۔ هر وقت دل و دماغ تي فيشن جو ڀوت سوار رهندو هو ۽ نيڪين کان پري دُنيا جي رنگينين ۾ گم ٿي زندگي برباد ڪري رهيو هئس۔ هڪ ڀيري هڪ مبلغ، دعوتِ اسلامي تحت