Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

هولناڪ کوه

ياد رکو! هي بي نمازي کي قبر ۾ ملڻ وارو عذاب آهي ۽ آخرت ۾ ڇا عذاب ٿيندو، اهو به ٻڌي وٺو! سيپاري 30، سُورة الماعُون جي آيت نمبر 4 ۽ 5 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

فَوَیْلٌ لِّلْمُصَلِّیْنَ ۙ(۴) الَّذِیْنَ ھُمْ عَنْ صَلَاتِہِمْ سَاہُوْنَ ۙ(۵)   ترجمو ڪنزالايمان: پوءِ خرابي آهي انهن نمازين جي جيڪي پنهنجي نماز کان غافل ويٺا آهن.

مشهور مفسر مفتي احمد يارخان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت جي حوالي سان فرمائن ٿانماز ڪڏهن نه پڙهڻ، پابندي سان نه پڙهڻ، صحيح وقت تي نه پڙهڻ، فرضن ۽ واجبن کي صحيح طريقي سان ادا نه ڪرڻ، نماز جي پرواھ نه ڪرڻ، شوق سان نه پڙهڻ، سوچي سمجھي ادا نه ڪرڻ، سستي، بي پرواهي سان پڙهڻ . هي سڀ نماز کي ويسارڻ جون صورتون آهن.)[1](

جهنم ۾ وڃڻ جو حڪم

منقول آهي ته قيامت جي ڏينهن هڪ شخص کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ بيهاريو ويندو، الله پاڪ ان کي جهنم ۾ وڃڻ جو حڪم فرمائيندو، اهو عرض ڪندو: ياالله! مونکي ڪهڙي سبب جي ڪري جهنم ۾ موڪليو پيو وڃي؟ ارشاد ٿيندو: نمازن کي ان جو وقت گذاري پڙهڻ ۽ منهنجي نالي جا ڪوڙا قسم کڻڻ جي ڪري. ([2])


 

 



[1] ( نورُ العرفان ص۹۵۸)۔

[2]...   مکاشفۃ القلوب، باب فی بیان عقوبۃ تارک الصلاۃ، صفحہ:274۔