Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

کيسو ڪٽيندڙن، چورن يا رشوت خورن جي هٿن ۾ هي مال هليو وڃي ۽ پوءِ مَعاذَالله آخرت جو سخت عذاب به ڀوڳڻو پئجي وڃي.

کرلے توبہ ربّ کی رَحمت ہے بڑی                                                          قبر میں ورنہ سزا ہوگی کڑی

ملاوٽ جي تعريف

پيارا اسلامي ڀائرو! هنن واقعن مان هي به معلوم ٿيو ته ملاوٽ ڪرڻ جي ڪري قبر جهنم جي کڏ بڻجي ويندي آهي. انهي ڪري ضروري آهي ته اسان ملاوٽ کان به بچون. مشهور مفسرِ قرآن مفتي احمديارخان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه   فرمائن ٿا: ملاوٽ مان مراد هي آهي ته شيءِ جو عيب لڪائي ڪري وڪڻي ڇڏڻ يا اصل ۾ نقل ملائي ڇڏڻ. ([1])

جيڪو ملاوٽ ڪري اهو  اسان مان ناهي

حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اَناج جي هڪ ڍير وٽان گذريا ته پنهنجو هٿ مبارڪ ان ۾ وڌائون، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آڱرين اُن ۾ آلاڻ محسوس ڪئي ته ارشاد فرمايائون: اي اناج وارا! هي ڇا آهي؟ ان عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اُن تي بارش جو پاڻي ڪريو آهي. پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ته پوءِ آلي اناج کي تو ڍير جي مٿان ڇونه رکيو ته جيئن ماڻهو ان کي ڏسي وٺن ها، جيڪو ملاوٽ ڪري اهو اسان مان ناهي. ([2])

مشهور مفسرِ قرآن مفتي احمديارخان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث پاڪ جي حوالي سان لکن ٿا: غالباً دڪاندار کي هي خبر نه هئي ته هي به جرم آهي. اهو


 

 



[1]...  مراۃ المناجیح،جلد:5، صفحہ:254۔

[2]...  مسلم، کتاب الایمان، باب قول النبیّ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم من غشّنا فلیس منّا، صفحہ:57،حدیث:102۔