Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

قبر جي عذاب جا ٽي بنيادي سبب

حضرت قَتاده رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته قبر جي عذاب کي 3 حِصّن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي (1): هڪ ٽهائي عذاب غيبت جي ڪري(2) هڪ ٽهائي عذاب چغلي جي ڪري (3) ۽ هڪ ٽهائي عذاب پيشاب(جي ڇنڊن کان پاڻ کي نه بچائڻ) جي ڪري ٿيندو آهي.([1])

باهه جـون ڪـليون

  حضرتِ حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي هـٿ مبارڪ تــي هڪ اهڙي ڪفن چور توبهه ڪئي جنهن سوين ڪفن چورايا هئا. حضرتِ حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي پُڇڻ تي ان ٽن قبرن جا ڊيڄاريندڙ واقعا بيان ڪيا. انهن مان هڪ قبر جو حال بيان ڪندي ان چيو: هڪ ڀيرو مون هڪ قبر کوٽي ته ان ۾ هڪ خوفناڪ منظر هيو. مُردي جي زبان ڪياڙي مان نڪتل هئي ۽ ان جي جسم ۾ باهه جون ڪليون ٺوڪيل هيون. غيبي آوازَ ٻُڌايو: هي غيبت ڪندو هو، چُغلي هڻندو هو ۽ ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائيندو هو. ([2])

بدگمانی، جُھوٹ، غیبت، چغلیاں                                                                             چھوڑ دے تُو رَبّ کی نافرمانیاں

ہو گیا تجھ سے خُدا ناراض گر                                                                                                       قبر سُن لے آگ سے جائے گی بَھر

پاڪيزگي، صفائي سٿرائي

پيارا اسلامي ڀائرو!  اسان تي لازم آهي ته عذابِ قبر کان بچڻ جي لاءِ غيبت کان به بچون، چغلين کان به بچون ۽ گڏوگڏ عذابِ قبر جو هڪ ٻيو سبب به بيان ٿيو: پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچڻ...!! هن بُري  ڪم کان بچڻ به لازم ۽ ضروري آهي


 

 



[1] موسوعۃ ابن ابی الدنیا، کتاب:الغيبة والنميمة، جلد:4، صفحہ:355، حدیث:52۔

[2]...کفن چور کے انکشافات،صفحہ:5۔