Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

اي عاشقانِ رسول! گهٽ کائڻ سنّت آهي * اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيستائين دنيا ۾ تشريف فرما رهيا، ڪڏهن به لاڳيتو 2 راتيون پيٽ ڀري نه کاڌائون پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بکَ جي سبب پيٽ تي پٿر ٻڌندا هئا.

کاڌي جي مقدار جي باري ۾ احڪام:

          بُکَ رکي ڪري کائڻ سنّت آهي. جيتري بُک آهي، اوترو کائي وٺڻ مباح آهي (يعني ان ۾ نه گناھ، نه ثواب). پيٽ ڀري ڪري اوترو کائڻ جو پيٽ خراب ٿيڻ جو گمان هجي، حرام آهي.  پيٽ ڀري اوترو کائڻ جو پيٽ خراب ٿيڻ جو انديشو نه هجي مڪروھ آهي. غذا ۾ ايتري گهٽتائي ڪري ڇڏڻ جو فرائض جي ادائيگي ۾ خلل اچي، ناجائز آهي.([1])

مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سَفر به آهي.

غم کے بادَل چَھٹیں قافلے میں چلو                                              خوب خوشیاں ملیں قافلے میں چلو

رب کے در پر جُھکیں، اِلتِجائیں کریں                                     بابِ رحْمت کھلیں، قافلے میں چلو

 الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن صَلَّى  اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 



[1] بہارِ شَرِیْعت، حصہ:16، جلد:3، صفحہ:374ملخصًا ۔