Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

نماز پڙهي هئي، تنهنڪري اهڙو سخت عذاب ٿيو...!! ملائڪن ان کي صرف هڪ ڪوڙو هنيو، جنهن سان قبر ۾ باھ ڀڙڪي پئي ۽ اهو مڙدو سڙي خاڪ ٿي ويو...!!! اَلْاَمَان وَالْحَفِیظ...!!

الله پاڪ اسان کي قبر جي عذاب کان محفوظ فرمائي! اسان کي گهرجي ته پنهنجو وضو صحيح ڪيون..!! افسوس! اَڄڪلھ علمِ دين کان دوري آهي، دنيا جو علم ته تمام گهڻو اچي ٿو پر دين سکڻ جي واندڪائي نٿي ملي....!! شايد هزارين نه بلڪه لکين مسلمان هوندا جن کي صحيح طريقي سان وضو ڪرڻ به نه ايندو هوندو، جي ها! هي بلڪل سچ آهي * لکين مسلمان هوندا جن کي وضو جي فرضن جو به علم نه هوندو * پوءِ اسان وٽ وضو جلدي جلدي ۾ ڪرڻ جي به عادت عام  آهي * پهريان ته مسجد ۾ اچڻ جي واندڪائي نٿي ملي، جيڪي ايندا آهن، انهن ۾ به هڪ تعداد آهي بس جلدي جلدي ۾ وضو ڪندا آهن * ڪنهن جون ٻانهون سڪل رهجي وينديون آهن * ڪنهن جون کُڙيون سُڪل رهجي وينديون آهن * ڪنهن جي کُڙين تي پاڻي ناهي پڄندو. * ڪو صرف منهن تي رڳو پاڻي جا ڇنڊا هڻي سمجهندو آهي ته منهن ڌوپجي ويو جڏهن ته پيشاني جو ڪجھ حصو * ڄاڙي جي هيٺ جو ڪجھ حصو سُڪل رهجي ويندو آهي، ايئن بس جلدي جلدي ۾ اڻپورو وضُو ڪري نماز شروع ڪري ڇڏيندا آهيون...!! ياد رکو! وضو نماز جي ڪنجي آهي، وضو پورو نه هجي ته نماز ٿيندي ئي ناهي. پر افسوس! اسان وُضو سکي وٺون، ان جي واندڪائي ناهي ملندي. رڳو ائين اڻپورو وضو ڪري نمازون پڙهڻ لڳي ويندا آهيون ۽ فڪر ئي ناهي ٿيندي ته هي به هڪ سنگين غلطي آهي.

بي وضو جي نماز قبول ناهي

ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي، منهنجي ۽ اوهان جي آقا، مڪي مدني