Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

ڪئي جو جنهن کي جنّن ۽ انسانن جي علاوه تمام مخلوق ٻڌو آهي ـ ۽ جيڪڏهن توهان جي دلين ۾ فساد نه هجي ها ۽ توهان گهڻو نه ڳالهايو ها ته توهان به اهو ٻڌو ها جيڪو مون ٻڌو آهي. صحابه ڪِرام رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ عرض ڪيوـ يَارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! انهن ٻنهي جو گناهه ڪهڙو آهي؟ ارشاد فرمايائون پهريون پيشاب کان نه بچندو هو ۽ ٻيو ماڻهن جو گوشت کائيندو (يعني غيبت) ڪندوهو ـ([1])

قبر میں آہ! گُھپ اندھیرا ہے                                                                                            روشنی ہو پئے رضا یاربّ!

سانپ لِپٹیں نہ میرے لاشے سے                                                                قبر میں کچھ نہ دے سزا یاربّ!

نورِ احمد سے قبر روشن ہو                                                                                                                      وَحشَتِ قبر سے بچا یاربّ!

قبر جو عذاب حق آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان قبر جي عذاب کان الله پاڪ جي پناھ گهرون ٿا، الله ڪريم پنهنجي ڪرم سان اسان کي قبر جي عذاب کان محفوظ فرمائي...!! ياد رکو قبر جو عذاب حق آهي، سچ آهي، هي بلڪل طئي آهي ته هي اُمَّت قبر ۾ آزمائي ويندي. قرآنِ مجيد ۾ ڪيئي هنڌن تي اُن جو ذڪر آيو آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:

مِمَّا خَطِیْٓــٰٔتِہِمْ  اُغْرِقُوْا فَاُدْخِلُوْا نَارًا ۬

(پارہ:29، نوح:25)                                                                                        ترجموڪنزالعرفان: اهي پنهنجي خطائن جي سبب ٻوڙيا ويا پوءِ باهه ۾ داخل ڪيا ويا.

هن آيتِ ڪريمه جي تفسير ۾ لکيل آهي: هن باھ مان مراد برزخ جي باھ (يعني قبر جو عذاب) آهي يعني انهن کي گناهن ۽ نافرمانين جي سبب قبر جي


 

 



[1]... اہوالُ القبور، الباب السادس، فصل انواع عذاب القبر، صفحہ:94۔