Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

نماز قضا ڪري پڙهڻ جو وبال

حضرت عمروبن دينار رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ شخص جي ڀيڻ فوت ٿي وئي ته جڏهن هو ان کي دفن ڪري موٽيو ته ياد آيس ته رقم جي ٿيلهي قبر ۾ ڪِري پئي آهي، سو هو پنهنجي ڀيڻ جي قبر تي واپس آيو ۽ ان کي کوٽيائين ته جيئن ٿيلهي ڪڍي ڇا ٿو ڏسي ته ڀيڻ جي قبر ۾ باھ جا شعلا ڀَڙڪي رهيا آهن. پوءِ ان جيئن تيئن قبر تي مٽي وِڌي ۽ غمگين روئندو ماءُ وٽ اچي پُڇا ڪيائين: پياري امڙ! منهنجي ڀيڻ جا عمل ڪهڙا هئا؟ اها چوڻ لڳي: پٽ ڇو ٿو پُڇين؟عرض ڪيائين:”مون پنهنجي ڀيڻ جي قبر ۾ باهه جا شعلا ڀَڙڪندي ڏٺا آهن.“ اهو ٻُڌي ڪري ماءُ روئڻ لڳي ۽ چيائين: افسوس! * تنهنجي ڀيڻ نماز ۾ سُستي ڪندي هئي ۽ * نماز قضا ڪري پڙهندي هئي  ۽ * منهنجي خيال ۾ بي وضو به نماز پڙهندي هئي ۽ *پاڙيسرين جي دروازي تي ڪن لڳائي سندن راز جون ڳالهيون ٻڌندي هئي. ([1])

بي نمازي جو انجام

الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! هن عبرتناڪ ۽ سبق آموز واقعي تي ٿورو غور فرمايو! سوچو ته جڏهن نمازن کي قضا ڪري پڙهڻ جي سزا هي آهي جو اُن جي قبر جهنم جي کڏ بڻجي ويندي آهي ته شروع کان نماز نه پڙهڻ وارن جو ڪيتري قدر خوفناڪ انجام ٿيندو. حضرتِ امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هـٿ مبارڪ تــي هڪ اهڙي ڪفن چور توبهه ڪئي جنهن سوين ڪفن چورايا هئا ان پنهنجو هڪ واقعو ٻڌائيندي چيو: هڪ موقعي تي جڏهن ڪفن چورائڻ جي ارادي سان مون قبر کوٽي ته هڪ ڪارو مُردو زبان ڪڍي بيهي رهيو! ان


 

 



[1]...موسوعۃ ابن ابی دنیا، کتاب القبور، جلد:7، صفحہ:75، رقم:97۔