Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

نماز دين جو ستون آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمۡدُلله! اسان مسلمان آهيون ۽ هڪ مُسلمان تي روزانو 5 وقت جون نمازون فرض آهن. مسلمانن جي ٻئين خليفي حضرت عمرفاروق رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته هڪ شخص عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! الله پاڪ جي نزديڪ سڀني کان وڌيڪ پسنديده شيءِ ڪهڙي آهي؟ فرمايائون: وقت ۾ نماز پڙهڻ ۽ جنهن نماز ڇڏي ان جو ڪو دين ناهي. نماز دين جو ستون(ٿنڀ) آهي. ([1])

نماز جون برڪتون

معلوم ٿيو! نماز مسلمانن جي لاءِ نهايت اهم فرض آهي پر افسوس جو اڄ اسان جون مسجدون ويران آهن، الله پاڪ توفيق بخشي، اسان سڀئي پنج ئي نمازون جماعت سان پڙهڻ وارا بڻجي وڃون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون  بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. * يقيناً نماز دين جو ستون آهي * الله پاڪ کي راضي ڪرڻ جو سبب نماز آهي۔ (تنبيه الغافلين ص150) * مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اکين جي ٿڌاڻ نماز آهي۔ (سنن ڪبريٰ للنسائي جلد5 ص280،حديث:8888) * انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي سنت نماز آهي. (تنبيه الغافلين ص151) * نماز اونداهي قبر جو ڏيئو آهي. (تنبيه الغافلين ص151) * نماز عذابِ قبر کان بچائيندي آهي. (الزواجر جلد1ص295) * نماز قيامت جي تپش کان ڇانوَ آهي. (تنبيه الغافلين ص151)
* نماز پل صراط جي لاءِ آساني آهي. (تنبيه الغافلين ص151) * نماز نور آهي. (مسلم شريف ص115،حديث:534) * نماز جنت جي ڪنجي آهي. (مسند امام احمد جلد5 ص103، حديث:14668) * نماز جهنم جي عذاب کان بچائيندي آهي.


 

 



[1]...    شعب الایمان، باب فی الصلوات، جلد:3، صفحہ:39، حدیث:2807۔