Azab e Qabar Ke Chand Asbab

Book Name:Azab e Qabar Ke Chand Asbab

سفر جي ارادي سان نڪتا آهيون، مقام صِفاح تي اسان جي قافلي جو ماڻهو فوت ٿي ويو آهي. اسان جڏهن ان کي دفنائڻ جي لاءِ قبر کوٽي ته هڪ تمام وڏو ڪارو نانگ ويٺل نظر آيو، جنهن قبر کي ڀري رکيو هو، اُن کي ڇڏي ڪري ٻي قبر کوٽي ته اُن ۾ به اهو ئي نانگ نظر آيو. اوهان جي خدمت ۾ هن مسئلي جي حل لاءِ حاضر ٿيا آهيون. حضرت عبدالله رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمايو: هي سندس خيانت جي سزا آهي جيڪو اهو ڪندو هو. توهان کيس انهن ٻنهي مان ڪنهن هڪ قبر ۾ دفن ڪري ڇڏيو، خدا جو قسم! جيڪڏهن هن دنيا جي سڄي زمين به کوٽي وڃي، تڏهن به هر جڳھ اهو ئي ڏسندا. آخرڪار اسان اُن کي نانگ سان ڀريل قبر ۾ دفنائي ڇڏيو. واپس اچي ڪري اسان سندس سامان ان جي گهر وارن کي ڏئي ڇڏيو ۽ ان جي بيواھ کان سندن عملن جي باري ۾ سوال ڪيو ته اُن ٻڌايو: هي کاڌو وڪڻندو هو ۽ اُن ۾ خيانت ڪندو هو اهڙي طرح جو ان مان پنهنجي گهر وارن جي لاءِ ڪجھ ڪڍي وٺندو هو پوءِ گهٽتائي پوري ڪرڻ جي لاءِ اُن ۾ اوتري ئي ملاوٽ ڪري ڇڏيندو هو. ([1])

سانپ لپٹیں نہ میرے لاشے سے                                                                       قبر میں کچھ نہ دے سزا یاربّ!

گر کفن پھاڑ کے سانپوں نے جمایا قبضہ                                                    ہائے بربادی! کہاں جا کے چھپوں گا یا ربّ!

پيارا اسلامي ڀائرو! 2 بري عملن جي ڪري ان شخص جي قبر جهنم جي کڏ بڻجي وئي: (1) خيانت ڪرڻ (2) ملاوٽ ڪرڻ، هي ٻئي نهايت خراب ڪم آهن ۽ قرآن ۽ حديث ۾ اُن کان منع ڪيو ويو آهي. الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا تَخُوْنُوا اللّٰہَ وَ الرَّسُوْلَ وَ تَخُوْنُوْۤا اَمٰنٰتِکُمْ وَ اَنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ (۲۷)

(پارہ:9، الانفال:27)                                                                                  ترجموڪنزالعرفان؛ اي ايمان وارؤ! الله ۽ ان جي رسول سان دغا نه ڪيو ۽ نه ڄاڻي واڻي پنهنجي امانتن ۾ خيانت ڪيو.


 

 



[1]...شعب الایمان، باب فی الامانات ووجوب ادائھا الی اھلہا، جلد:4، صفحہ:334، حدیث:5311۔