Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

پر مال ناهي ڏنو ۽ اهو سچي نيت وارو آهي، هي ان مالدار عالم کي ڏسي ڪري سوچيندو آهي: ڪاش! مون وٽ به مال هجي ها، مان به اهي نيڪيون ڪيان ها، جيڪو هي مالدار عالم ڪري رهيو آهي. فرمايائون: هي غريب عالم ۽ اهو مالدار عالم ثواب ۾ ٻئي برابر آهن. پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: (3) ٽيون اهو ٻانهو آهي، جنهن کي الله پاڪ مال ته عطا فرمايو آهي پر علم ناهي ڏنو، هاڻي هي شخص مال کي بغير علم جي خرچ ڪندو آهي، نه ان معاملي ۾ الله پاڪ کان ڊڄندو آهي، نه ان جي ذريعي رشتيدارن سان نيڪ سلوڪ ڪندو آهي، نه ئي مال جا حقَ پورا ڪندو آهي، هي نهايت ئي بري رتبي وارو انسان آهي. (4) پوءِ چوٿون اهو شخص آهي، جنهن کي الله پاڪ نه مال ڏنو آهي، نه علم ڏنو آهي، هي جڏهن اُن بي علم مالدار کي ڏسندو آهي ته سوچيندو آهي: ڪاش! مون وٽ به مال هجي ها، مان به ايئن ئي عياشي ڪيان ها، جيئن هي بي علم مالدار ڪري رهيو آهي، فرمايائون: هن مال جو وبال انهن ٻنهي جي لاءِ برابر آهي.)[1](

الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي اسان مان هر شخص غور ڪري، انهن چار قسمن مان اسان ڪهڙي قسم سان تعلق رکون ٿا، الله پاڪ ٻين کي مال ڏنو آهي ۽ اسان غريب آهيون، هاڻي پنهنجو جائزو وٺو ته مالدارن کي ڏسي ڪري اسان جي دل ۾ لالچ ڇو ايندي آهي، جيڪڏهن هي صورت آهي ته مالدار جڏهن حج تي ويندا آهن ته دل ۾ لالچ ايندي آهي ته ڪاش! مون وٽ به مال هجي ها، مان به حج ڪيان ها، مالدار صدقو ۽ خيرات ڪندا آهن، اسان جي دل به لالچ ڪندي آهي، ڪاش! مون وٽ به مال هجي ها، مان به صدقو ۽ خيرات ڪيان ها، ان صُورت ۾ ته اِنْ شَآءَ اللہُ! دل جي لالچ چڱي ثابت ٿيندي، ربِّ رحمٰن جي رحمت مان اميد آهي ته اُن لالچ جي برڪت سان اسان کي به حج ۽ صدقي وغيره جو ثواب ملي ويندو ۽ جيڪڏهن خدانخواسته هي صورت آهي ته مالدار عيش ڪن ٿا، مال جي ڪري گناهن ۾ پون ٿا ۽ اسان انهن کي ڏسي ڪري لالچ ڪيون ٿا ته ڪاش! مون وٽ به مال هجي ها، مان به عياشي


 

 



[1] ترمذی، کتاب الزہد، باب ماجاء مثل الدنیا...الخ، صفحہ:557، حدیث:2325