Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

فرما هئا، صحابي سڳورا رَضِىَ اللهُ عنۡه پڻ حاضِر هئا، هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عنۡه بارگاھِ رسالت ۾ حاضِر ٿي عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! الله پاڪ جي راھ  ۾ جنگ ڪرڻ وارن ۾ وڌيڪ عظمت وارو ڪير آهي؟ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اَکْثَرُہُمْ لِلّٰہِ ذِکْراً يعني جيڪو الله پاڪ جو ڪثرت سان ذِڪر ڪري ٿو، اهو وڌيڪ عظمت وارو آهي. صحابي سڳوري رَضِىَ اللهُ عنۡه ٻيو سوال ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! روزيدارن ۾ وڌيڪ عظمت وارو ڪير آهي؟ (مثال طور 100 ماڻهو آهن ۽ 100 جي 100 ڄڻن ئي روزو رکيو آهي، انهن مان وڌيڪ عظمت وارو ڪير آهي؟) پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اَکْثَرُہُمْ لِلّٰہِ ذِکْراً يعني جيڪو الله پاڪ جو ذِڪر ڪثرت سان ڪرڻ وارو آهي، هو وڌيڪ عظمت وارو آهي۔

حضرت سهل بن مُعاذ رَضِىَ اللهُ عنۡه فرمائن ٿا: اهي صحابي رَضِىَ اللهُ عنۡه ايئن سوال ڪندا ويا، مثال طور يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! نمازين ۾ وڌيڪ عظمت وارو ڪير آهي؟ زڪوٰة ڏيڻ وارن ۾ وڌيڪ عظمت وارو ڪير آهي؟ ايئن هڪ هڪ عبادت جي باري ۾ سوال ڪندا ويا، ۽ پيارا آقا، ٻنهي جھانن جا داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انهن سڀني سوالن جو هڪ ئي جواب ارشاد فرمائيندا رهيا: 
اَکْثَرُہُمْ لِلّٰہِ ذِکْراً، اَکْثَرُہُمْ لِلّٰہِ ذِکْراً يعني جيڪو الله پاڪ جو ذڪر ڪثرت سان ڪندو آهي، اهو عظمت وارو آهي، جيڪو الله پاڪ جو ذڪر ڪثرت سان ڪندو آهي، اهو عظمت وارو آهي.

مسلمانن جا پهريان خليفه، حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عنۡه حاضِر هئا، انهن حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عنۡه کي مخاطَب ڪندي چيو: اي عمر ايئن ته ذِڪۡرُالله ڪرڻ وارا تمام ڀلائيون ئي کڻي ويا...! پياري آقا، امامُ الانبيا، معراج