Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

۾ ترسندو آهي ته ان جي لاءِ ڪهڙو ثواب آهي؟ *جڏهن اهو شيطانن کي پٿريون هڻندو آهي ته ان جي لاءِ ڪهڙو ثواب آهي؟ * جڏهن حاجي مٿو ڪوڙائيندو آهي ته ان جي لاءِ ڪهڙو ثواب آهي؟ *جڏهن حاجي آخري طواف پورو ڪري وٺندو آهي ته ان جي لاءِ ڪهڙو ثواب آهي؟ انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ  عرض ڪيو: اي الله پاڪ جا نبي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ان ذات جو قسم! جنهن اوهان کي سچو نبي بڻائي ڪري موڪليو، بيشڪ اوهان سمورا سوال درست ارشاد فرمايا، هاڻي انهن جا جواب به عطا فرمايو، پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: * جڏهن حاجي پنهنجي گهر کان نڪرندو آهي ته ان جي سواري جي هر قدم جي بدلي ان جي لاءِ هڪ نيڪي لکي ويندي آهي ۽ ان جو هڪ گناھ معاف ڪيو ويندو آهي * جڏهن اهو ميدانِ عرفات ۾ ترسندو آهي ته الله پاڪ پنهنجي شان جي لائق دنيا جي آسمان تي تجلي فرمائيندو آهي ۽ فرمائيندو آهي: اي ملائڪو! گواھ ٿي وڃو! مون انهن جا گناھ معاف ڪري ڇڏيا توڙي جو مينهن جي قطرن (Rain drops) ۽ واريءَ جي ذرن جي برابر هجن.

   رسول اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن وڌيڪ فرمايو: * جڏهن حاجي جمرات جي رَمي ڪندو (يعني شيطان کي پٿريون هڻندو) آهي ته قيامت تائين ان جو ثواب ڪير به نه ٿو ڄاڻي سگهي * جڏهن اهو پنهنجو مٿو ڪوڙائيندو آهي ته ان جي مٿي تان ڪرڻ واري هر وار جي بدلي قيامت جي ڏينهن نور ٿيندو * ۽ جڏهن حاجي ڪعبي شريف جو آخري طواف ڪندو آهي ته گناھن کان ايئن پاڪ ٿي ويندو آهي، جيئن ان ڏينهن هو جڏهن سندس ماءُ ان کي ڄڻيو هو. ([1])

سُبۡحٰن الله! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! حج ڪرڻ جا ڪهڙا زبردست فضائل آهن* حاجي گهر کان نڪرندو آهي ته ان جي هر قدم جي بدلي هڪ نيڪي لکي ويندي آهي* هڪ گناھ مٽايو ويندو آهي* ميدانِ عرفات ۾ ان جا سمورا گناھ


 

 



[1] ابن حبان، کتاب الصلاۃ، ذکر وصف بعض السجود...الخ، صفحہ:586، حدیث:1887۔