Book Name:Hajj Ka Sawab Dilanay Walay Amal

معاف ڪيا ويندا آهن* حاجي جڏهن شيطان کي پٿريون هڻندو آهي ته ان کي بي شمار اجر عطا ڪيو ويندو آهي*  حاجي جڏهن وار ڪوڙائيندو آهي ته هر وار جي بدلي قيامت جي ڏينهن کين هڪ نور عطا ڪيو ويندو *   حاجي جڏهن بيت الله جو آخري طواف ڪندو آهي ته اهو گناھن کان بلڪل پاڪ ٿي ويندو آهي* مقبول حج جي جزا جنّت آهي*حج گزشته گناھن کي مٽائي ڇڏيندو آهي*حاجي پنهنجي گهر وارن مان 4 سؤ ماڻھن جي شفاعت ڪندو* حاجي جنهن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪري ان جي به مغفرت ٿي ويندي آهي*حاجي الله جو مهمان آهي* حاجي جي دعا قبول ڪئي ويندي آهي*حاجي جي تنگدستي مٽائي ويندي آهي* جيڪو حاجي حج جي سفر ۾ فوت ٿي وڃي قيامت جي ڏينهن پنهنجي قبر مان بلند آواز سان تَلبيه (یعنی لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكپڙهندي اٿندو*حاجيءَ کي سفر جي دوران هڪ روپيو خرچ ڪرڻ جي بدلي 10 لک رپيا خرچ ڪرڻ جو ثواب ملندو* حاجي ڪعبي جي طواف جو شرف حاصل ڪندو آهي ته ان تي 60 رحمتون وسنديو آهن* حاجي مسجدِ حرام (يعني جتي خانهءِ ڪعبه آهي، ان مسجد) ۾ نماز پڙهندو آهي ته ان تي 40 رحمتون نازل ٿينديون آهن* حاجي مسجدِ حرام ۾ پهچي ڪري صرف ڪعبي شريف جي زيارت ڪري ته ان تي 20 رحمتون نازل ٿينديون آهن.

سُبۡحٰن الله! هي ڪيڏا عظيم فضائل آهن، الله پاڪ اسان کي به حج جو شوق نصيب فرمائي، ڪاش...! اسان به حج جي سعادت نصيب ڪريون، ياد رکو! حج ڪرڻ جي لاءِ پيسن جي نه بلڪه سچي تڙپ جي ضرورت آهي، ربَّ وٽ سچي طلب ۽ سچي تڙپ ڏٺي ويندي آهي، جيڪڏهن تڙپ سچي هجي، شوق سچو هجي ته الله ڪريم جون رحمتون ضرور ملنديون آهن، ضرور ڪرم جي نظر ٿيندي آهي ۽ ٻانهي کي حج جي سعادت ملي ئي ويندي آهي.