Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

يعني اي مسلمانو...!! اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا غلامؤ....!! غالب توهان ئي ايندؤ بس شرط هڪ آهي: سچي ايمان وارا ٿي وڃو! الله پاڪ تي ڪامِل ڀروسو رکڻ وارا بڻجي وڃو...!! هي هڪ شرط پوري ڪئي وڃي، ايمان سچو ۽ يقين مضبوط ڪيو وڃي، اِنْ شَآءَ اللہُ! مسلمان هميشه غالب رهندو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

يقين ايمان جي جان آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! هي ڳالھ ياد رکو! الله پاڪ تي، اُن جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ۽ الله ۽ رسول جي فرمانن تي پڪّو يقين ۽ مضبوط اعتماد هجڻ هي ايمان جي جان آهي، جيڪڏهن هي اعتماد ٿي ڪمزور ٿي وڃي ته اسان جو ايمان خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. لهٰذا هي لازم ۽ ضروري آهي ته اسان پنهنجي عقل کان وڌيڪ، پنهنجي اکين کان وڌيڪ، پنهنجي تجربي کان وڌيڪ الله ۽ رسول جي احڪامن تي ۽ سندن فرمانن تي يقين رکون. مشهور مفسر قرآن مفتي احمديار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا: الله ۽ رسول   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي اعتماد هجڻ ايمان جي حقيقت آهي، شيءِ کي ڏسي ڪري يا ٻُڌي ڪري ته هر شخص مڃي وٺندو آهي پر اها شيءِ جيڪا اُن کان غائب هجي ۽ عقل ۾ نه اچي، ان کي صرف انهي ڪري مڃڻ جو اها رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمائي آهي، هي هن ڳالھ جو دليل آهي ته سندن دل ۾ اطاعت آهي. وڌيڪ فرمائن ٿا: سچ پڇو ته ايمان جي جان ته رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي خبر تي پنهنجا حَوَّاس(اک، ڪن ۽ عقل وغيره) کان وڌيڪ اعتماد هجي، جيڪڏهن اسان اکين سان ڏسي رهيا آهيون ته هن وقت ڏينهن آهي ۽ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمائن ٿا ته هن وقت رات آهي ته اسان جون اکيون ڪوڙيون آهن ۽ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  سچا آهن ڇوته اسان جي اک هزارين ڀيرا غلطي ڪري ويندي آهي پر سندن فرمان ڪڏهن