Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

جهڙو يقين تهڙو  نتيجو

وڏي مشهور حديث قدسي آهي: ربّ ڪريم فرمائي ٿو: اَنَا عِنْدَ ظَنِّ عَبْدِیْ بِیْ مان پنهنجي ٻانهي جي گمان جي ويجهو هوندو آهيان، جيڪو مون سان رکي.)[1]( مفتي احمديارخان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث جي حوالي سان فرمائن ٿا: هتي عبد مان مراد مومن ٻانهو آهي. يعني ٻانهو منهنجي باري ۾ جهڙو يقين رکندو، مان اهڙو ئي معاملو اُن سان ڪندس. )[2](

جو سوچتا ہوں، وہی بات ہونے لگتی ہے

جُڑا ہوا ہے زمانہ مرے گمان کے ساتھ

پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث پاڪ تي ٿورو غور ڪيو! الله پاڪ ٻانهي جي گمان سان  گڏ آهي، جهڙو يقين هوندو، اهڙا ئي نتيجا نڪرندا، هاڻي غور ڪيو! * جڏهن ذهن ئي اهو بڻايو وڃي ته سچ ڳالهائڻ سان ڪاروبار ناهي هلندو، پوءِ ٻڌايو! رزق ۾ برڪت ڪٿان کان ٿيندي؟ * جڏهن ذهن ئي اهو بڻايو وڃي ته ترقي جي لاءِ دنياوي ڊگريون گڏ ڪرڻ ضروري آهن، پوءِ قرآن ڪريم جون برڪتون ڪٿان نصيب ٿينديون؟ * جڏهن ذهن بڻايون وڃي ته اڄ نيڪي جو دور ناهي، پوءِ نيڪي جي توفيق ڪيئن ملندي؟ * جڏهن مال ۽ دولت ۽ دنيائي کي سڀ ڪجھ سمجهي ورتو ته ڀلايون ڪٿان ملنديون؟

الله پاڪ کان نيڪ گمان رکو! * ڪاروبار ۾ سچ ڳالهايو، الله پاڪ رزق به عطا فرمائيندو، ان ۾ برڪت به ڏيندو، * نماز جو وقت ٿي وڃي ته سڀئي ڪم ڪار ڇڏي ڪري نماز جي طرف هلڻ جي عادت بڻايو! الله پاڪ دنيا به بهتر بڻائي ڇڏيندو، آخرت به *  قرآن ڪريم پڙهڻ، سکڻ، سمجهڻ ۽ ان تي


 

 



[1] صحیح مسلم، کتاب الذکر و الدعاء ...الخ، باب الحث علی ذكر الله، صفحہ: 1033، حدیث: 2675۔

[2]  مرآۃ المناجیح، جلد: 3، صفحہ: 306۔